Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:14 - Hindu Sindhi Bible

14 انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت يرمياہ يا ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 هنن چيو تہ ڪي چون ٿا تہ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو آهي، ڪي ايلياهہ، ۽ ٻيا ٿا چون تہ يرمياهہ، يا نبين مان ڪو هڪڙو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ نبي يا ٻين نبين مان ڪوبہ هڪ آهيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 انھن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوھين يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارا آھيو، ڪي چون ٿا تہ الياس نبي آھيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ يرمياہ يا ٻين نبين مان ڪوبہ ھڪ آھيو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 16:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پنهنجي نوڪرن کي چيائين تہ ”هي يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو ئي آهي. جيئن تہ هو مئلن مان جيوت ٿي اٿيو آهي، تنهنڪري هو اهي چمتڪار ٿو ڪري.“


يسوع پڇين تہ ”اوهين ڇا ٿا چئو تہ آءٌ ڪير آهيان؟“


تڏهن چيلن يسوع کان پڇيو تہ ”نيم شاستري ڇو ٿا چون تہ مسيح جي اچڻ کان پهريائين سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ جو اچڻ ضروري آهي؟“


ڪجھہ سالن کان پوءِ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ پرچار ڪندو پئي وتيو تہ


ٻيا وري چون پيا تہ ”هو سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهي.“ ڪي چون پيا تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ اڳين سنتن جهڙو هڪ سنت آهي.“


انهن وراڻيو تہ ”ڪي ماڻهو چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهيو ۽ ٻيا وري چون ٿا تہ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن مان ڪوبہ هڪ آهيو.“


ڪن پئي چيو تہ ”ايلياہ ظاهر ٿيو آهي“ ۽ وري ٻين پئي چيو تہ ”ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو وري جيوت ٿيو آهي.“


انهن پڇيس تہ ”پوءِ تون ڪير آهين؟ ڇا تون سنديش ڏيندڙ سنت ايلياہ آهين؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ، آءٌ ايلياہ نہ آهيان.“ انهن چيو تہ ”ڇا ڀلا تون ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهين، جيڪو اچڻو آهي؟“ يوحنا وراڻين تہ ”نہ.“


ماڻهن ۾ يسوع بابت ڏاڍي سُس پُس پئي ٿي. ڪن پئي چيو تہ ”هو نيڪ ماڻهو آهي.“ پر ٻين پئي چيو تہ ”نہ، هو ماڻهن کي ڀَٽڪائي رهيو آهي.“


ان کان پوءِ فريسين هڪ دفعو وري انهيءَ ماڻهوءَ کان پڇيو تہ ”تون چوين ٿو تہ هن تو کي ديد ڏني، هاڻ تون انهيءَ شخص بابت ڇا ٿو چوين؟“ هن وراڻيو تہ ”هو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ