Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:32 - Hindu Sindhi Bible

32 يسوع پنهنجي چيلن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پوءِ يسوع پنهنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ مون کي خلق تي رحم ٿو اچي، ڇالاءِ جو هو مون سان ٽي ڏينهن ساندهہ رهيا آهن، ۽ کاڌي لاءِ ڪي بہ ڪين اٿن: ۽ منهنجي مرضي نہ آهي تہ کين بکيو روانو ڪريان تہ متان رستي ۾ ماندا ٿي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي هنن ماڻهن تي ڏاڍو ترس ٿو اچي، ڇاڪاڻ تہ هي ٽن ڏينهن کان وٺي مون سان گڏ آهن ۽ هاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونهي جو کڻي کائين. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ اهي بکيا هليا وڃن، ڇو تہ متان هي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 عيسيٰ پنھنجن شاگردن کي پاڻ وٽ سڏي چيو تہ ”مون کي ھنن ماڻھن لاءِ ڏاڍو ڏک ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي ٽن ڏينھن کان وٺي مون سان گڏ آھن ۽ ھاڻي وٽن ڪجھہ بہ ڪونھي جو کائين. آءٌ نہ ٿو چاھيان تہ اھي بکيا ھليا وڃن، ڇو⁠تہ متان ھي رستي تي ساڻا ٿي پون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 15:32
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن يوناہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون مڇيءَ جي پيٽ ۾ پيو هو، تيئن منش‌پتر بہ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون زمين جي پيٽ ۾ رهندو.


جڏهن يسوع اها خبر ٻڌي تڏهن ڪجھہ وقت اڪيلائيءَ ۾ رهڻ لاءِ هڪ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي چيلن سميت ڪنهن نويڪلي جاءِ ڏانهن روانو ٿي ويو. جڏهن ماڻهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ پنهنجا شهر ڇڏي پيرين پيادا هن جي پٺيان هليا.


تنهن تي چيلن چيس تہ ”هتي ويران هنڌ تي هيڏي سڄي خلق کي کارائڻ لاءِ ايتري روٽي اسين ڪٿان آڻينداسين؟“


يسوع کي انهن تي ديا اچي ويئي، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا.


۽ چيائونس تہ ”سائين! اسان کي ياد آهي تہ هو ٺڳ جڏهن اڃا جيوت هو تہ چوندو هو تہ ’آءٌ ٽن ڏينهن کان پوءِ وري جيوت ٿي اٿندس.‘


ماڻهن جي انهن ميڙن کي ڏسي يسوع جي دل ديا سان ڀرجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ هو ائين ڏکويل ۽ بي‌سهارا هئا جيئن رڍون ريڍار کان سواءِ هجن.


ڀوت ڇوڪري کي مارڻ جي ڪوشش بہ پئي ڪئي آهي، ڇو تہ ڪيترائي دفعا کيس باهہ ۽ پاڻيءَ ۾ اڇلايو اٿس. هاڻي جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا تہ اسان تي ترس کائي اسان جي مدد ڪريو.“


جڏهن پرڀوءَ ان وڌوا کي ڏٺو، تڏهن کيس مٿس ديا آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


جڏهن صبح ٿيڻ وارو هو تہ پولس سڀني کي ڪجھہ کاڌو کائڻ لاءِ وينتي ڪئي ۽ چيائين تہ ”اوهين چوڏهن ڏينهن تائين خوف ۽ خطري جي حالت ۾ رهيا آهيو ۽ ايترو وقت اوهان ڪجھہ بہ نہ کاڌو آهي.


اهو اهڙو سردار ڪاهن ناهي جيڪو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان جو همدرد نہ ٿي سگھي، پر هو اهڙو آهي جيڪو اسان وانگر هر طرح سان آزمايو ويو، تڏهن بہ پاپي نہ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ