Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:27 - Hindu Sindhi Bible

27 ان ماڻهوءَ جا نوڪر وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوهان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو هو پر هي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

27 ۽ اُنهي مالڪ جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ سائين، تو پنهنجيءَ ٻنيءَ ۾ چڱو ٻج ڪين پوکيو هو ڇا؟ تڏهن جهنگلي ٻج منجهس ڪٿان آيو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 ان ماڻهوءَ جا نوڪر وٽس آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوهان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو هو پر هي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

27 ان ماڻھوءَ جا نوڪر آيا ۽ چيائونس تہ ’سائين! اوھان تہ ٻنيءَ ۾ سٺو ٻج پوکيو ھو پر ھي ڪانڊيرا ڪٿان آيا؟‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:27
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هڪڙيءَ رات جڏهن سڀ ماڻهو ستا پيا هئا تہ هن جو هڪ دشمن اچي ڪڻڪ ۾ ڪانڊيرن جو ٻج ڇٽي هليو ويو.


جڏهن سلا اُڀريا ۽ سنگ نڪرڻ شروع ٿيا تہ ڪانڊيرا بہ ظاهر ٿي پيا.


تنهن تي هن کين جواب ڏنو تہ ’اهو ڪنهن دشمن جو ڪم آهي.‘ پوءِ انهن کانئس پڇيو تہ ’اسين وڃي ڪانڊيرن کي پٽيون ڇا؟‘


يسوع وڌيڪ چيو تہ ”آڪاش جي راڄ جو مثال هن ريت آهي تہ ڪو باغ جو مالڪ صبح جو سوير انهيءَ لاءِ ٻاهر نڪتو تہ پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪي مزدور بيهاري.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا سکيا اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو.


جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ پرميشور جي سيوا جو ڪم پيو ڪري.


اسين جيڪي ايشور جي وس هيٺ ڪم ڪندڙ سيواداري آهيون، سي وري بہ منٿ ڪريون ٿا تہ ايشور جي ڪرپا جيڪا اوهان تي ٿي آهي سا اجائي نہ وڃايو،


بلڪ اسين هر حالت کي منهن ڏيڻ سان پاڻ کي ايشور جا سيوڪ ٿي ڏيکاريون ٿا، جهڙوڪ: ڏاڍي صبر سان، مصيبتن سان، ضرورتن سان، تنگ حالتن سان،


اي بي‌وفا انسانؤ! ڇا اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ سنسار جي دوستي ايشور سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو ماڻهو سنسار جو دوست ٿيڻ ٿو گھري، سو پاڻ کي ايشور جو دشمن ٿو بڻائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ