متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 13:11 - Hindu Sindhi Bible11 يسوع کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آڪاش جي راڄ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible11 ۽ هن کين ورندي ڏيئي چيو تہ اوهان کي آسمان جي بادشاهت جي ڳجهن جي سمجهہ ڏني ويئي آهي، پر نہ هنن کي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible11 عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Common Language New Testament11 عيسيٰ وراڻيو تہ ”انھيءَ ڪري جو اوھان کي تہ آسمان واري بادشاھت جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آھي پر انھن کي نہ، အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪ ڳجھو ڀيد آهي، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو تہ اوهان کي ڄاڻڻ گھرجي. شايد اهو اوهان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪي جو اوهين پنهنجو پاڻ کي داناءُ سمجھو. اهو ڀيد هي آهي تہ بني اسرائيل جي ڪن ماڻهن ۾ جيڪا دل جي سختي پيدا ٿي آهي، سا رڳو ايستائين رهندي جيستائين ايشور ڏانهن ڦري ايندڙ غير قومن جو تعداد پورو نہ ٿئي.
جيڪو ڀيد گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي هميشہ واري ايشور جي حڪم موجب سنديش ڏيندڙ سنتن جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي وشواس آڻي فرمانبردار ٿين. يسوع مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جو آءٌ پرچار ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ ڀيد جي ظاهر ٿيڻ موجب شل ايشور اوهان کي وشواس ۾ مضبوط ڪري.
ٻڌو، آءٌ اوهان کي هڪ ڀيد جي ڳالهہ ٻڌايان ٿو تہ جيتوڻيڪ اسين وشواسي سڀ جو سڀ مري ڪونہ وينداسين، تنهن هوندي بہ آخري توتاري جي وڄڻ سان ئي هڪدم، اک ڇنڀ ۾ مئل توڙي جيوت سڀيئي بدلجي وينداسين. هائو، اهو توتارو جڏهن وڄايو ويندو، تڏهن مري ويلن کي ابناسي حالت ۾ جيوت ڪري اٿاريو ويندو ۽ ائين اسين بدلايا وينداسين.
پر اوهان کي مسيح پوِتر آتما سان مخصوص ڪيو آهي، جيڪا اوهان ۾ رهي ٿي. هاڻي اوهان کي انهيءَ ڳالهہ جي ضرورت ڪانهي تہ ڪو اوهان کي سيکاري. جيئن تہ اوهين مخصوص ٿي ويا آهيو، تنهنڪري پوِتر آتما اوهان کي سڀني ڳالهين بابت سيکاري ٿي. اوهان جو مخصوص ٿيڻ سچو آهي ۽ ڪوڙو ناهي. سو جيئن پوِتر آتما اوهان کي سيکاريو آهي، تيئن اوهين مسيح ۾ قائم رهو.