Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:34 - Hindu Sindhi Bible

34 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 اي نانگ جا ٻچو، اوهين بڇڙا ٿي ڪيئن چڱيون ڳالهيون ڪري سگهندا؟ ڇالاءِ تہ جيڪي دل ۾ ڀريل هوندو، سو ئي وات مان نڪرندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 اي نانگ جا ٻچؤ! اوھين ڪيئن چڱيون ڳالھيون چئي سگھو ٿا، جڏھن تہ اوھين پاڻ بڇڙا آھيو. ڇالاءِ⁠جو دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جو اندر ٻاھر ڪڍي سو ئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:34
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو.


پر جيڪي ڳالهيون وات مان نڪرن ٿيون سي دل مان ٿيون اچن ۽ اهي ئي ڳالهيون انسان کي اپوِتر ڪن ٿيون.


اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


يوحنا جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟


ماڻهن جا جيڪي ميڙ يوحنا کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟


هڪ چڱو ماڻهو پنهنجي دل جي چڱي خزاني مان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪڍي ۽ بڇڙو ماڻهو پنهنجي دل جي بري خزاني مان بريون ڳالهيون ڪڍي ٿو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.“


اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


اوهان جي وات مان ڪابہ بري ڳالهہ نہ نڪري، پر اهڙي ڳالهہ نڪري جيڪا ضرورت موجب ٻين جي آتمڪ ترقيءَ جو سبب بڻجي، تہ جيئن ٻڌڻ وارن کي انهيءَ مان فائدو ملي.


انهيءَ سان گڏ نالائقيءَ واريون هي ڳالهيون بہ نہ ڪرڻ کپن، جهڙوڪ: بي‌شرميءَ وارو ڳالهائڻ، اجائي بڪ بڪ ڪرڻ ۽ گندي چرچي بازي. اٽلندو شڪرگذاري ڪرڻ کپي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اسين انسان گھڻين ئي ڳالهين ۾ ٿاٻڙجي خطا ٿا ڪريون. پر جيڪو ماڻهو ڳالهائڻ ۾ ڪڏهن بہ خطا نہ ٿو ڪري سو ڪامل آهي ۽ پنهنجي سڄي شرير کي ضابطي ۾ رکي ٿو سگھي.


سو ڪير ايشور جو ٻار آهي ۽ ڪير شيطان جو؟ اهو هن مان معلوم ٿئي ٿو تہ جيڪو سچائيءَ جا ڪم نہ ٿو ڪري ۽ جيڪو پنهنجي وشواسي ڀاءُ ڀيڻ سان پيار نہ ٿو ڪري سو ايشور جو ٻار نہ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ