Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:14 - Hindu Sindhi Bible

14 تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن يسوع کي ختم ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪرڻ لڳا تہ ڪهڙيءَ طرح هن کي ماري کپائجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تڏهن فريسي ٻاهر نڪري پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 فريسي ھليا ويا ۽ پاڻ ۾ سازشون سٽڻ لڳا تہ ڪيئن عيسيٰ کي ختم ڪجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏجي صلاح ڪئي،


صبح جو سوير ئي سڀيئي سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا ۽ يسوع کي مارائڻ جو منصوبو جوڙي ورتائون.


فصح ۽ بي‌خميري روٽيءَ جو تهوار ٻن ڏينهن کان پوءِ اچڻو هو. سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ اهي ڪهڙيءَ طرح يسوع کي فريب سان ڦاسائي ختم ڪرائين.


تنهن تي فريسي ٻاهر نڪري وڃي هڪدم هيروديس جي حمايت ڪندڙ ماڻهن سان مليا ۽ يسوع جي خلاف سازشون سٽڻ لڳا تہ کيس ڪيئن ختم ڪجي.


جڏهن تہ سردار ڪاهنن ۽ نيم شاسترين وجھہ پئي ڳوليو تہ يسوع کي چپ چاپ ۾ مارائي ڇڏين، ڇو تہ اهي خلق کان ڊنا ٿي.


تڏهن نيم شاستري ۽ فريسي ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا ۽ پاڻ ۾ صلاحون ڪرڻ لڳا تہ ”يسوع سان ڇا ڪرڻ گھرجي؟“


تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن.


تنهن تي هنن وري بہ يسوع کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو.


انهيءَ ڏينهن کان وٺي يهودي اڳواڻ يسوع کي مارڻ جون سازشون سٽڻ لڳا.


سردار ڪاهنن ۽ فريسين هي حڪم ڏيئي ڇڏيو هو تہ ”ڪنهن کي بہ سڌ پوي تہ يسوع ڪٿي آهي تہ اهو ضرور اطلاع ڏئي تہ جيئن کيس پڪڙيو وڃي.“


هن ڳالهہ جي ڪري يهودي اڳواڻ هيڪاري کيس مارڻ جا وجھہ ڳولڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هن نہ رڳو سبت جو قاعدو ٿي ڀڳو، بلڪ ايشور کي پنهنجو پتا سڏي پاڻ کي ايشور جي برابر ٿي ڪيائين.


تنهن تي ڪن ماڻهن کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪوبہ کيس پڪڙي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جو وقت اڃا ڪونہ آيو هو.


يسوع بابت ماڻهن جي اها سُس پُس جڏهن فريسين ٻڌي تڏهن انهن ۽ سردار ڪاهنن گڏجي هيڪل جي ڪن پهريدارن کي موڪليو تہ جيئن هو کيس پڪڙين.


انهن مان ڪي ماڻهو کيس پڪڙڻ پيا چاهين، پر ڪنهن بہ هن ۾ هٿ نہ وڌو.


تنهن تي انهن يسوع کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پٿر کنيا، پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ