Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:10 - Hindu Sindhi Bible

10 اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ يسوع ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جائز آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 ۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو هٿ سُڪل هو. ۽ هنن پڇيس تہ سبت جي ڏينهن بيمارن کي ڇُٽائڻ روا آهي يا نہ؟ انهي لاءِ تہ هو مٿس تهمت آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اتي هڪڙو سڪل هٿ وارو ماڻهو هو. ڪي اهڙا فريسي بہ موجود هئا جيڪي چاهين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تهمت هڻن. سو انهن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينهن شفا ڏيڻ جائز آهي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

10 اُتي ھڪڙو سڪل ھٿ وارو ماڻھو ھو. جڏھن تہ اُتي ڪي اھڙا فريسي بہ ھئا جيڪي چاھين پيا تہ عيسيٰ ڪو غلط ڪم ڪري تہ مٿس تھمت ھڻن. تنھنڪري انھن پڇيس تہ ”ڇا سبت جي ڏينھن شفا ڏيڻ جائز آھي؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 12:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن فريسين اهو ڏسي يسوع کي چيو تہ ”ڏسو، اوهان جا چيلا اهو ڪم ڪن ٿا جيڪو سبت جي ڏينهن تي ڪرڻ جائز نہ آهي.“


اتي ڪي فريسي يسوع کي آزمائڻ لاءِ وٽس آيا ۽ پڇيائونس تہ ”ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجي پتنيءَ کي ڪنهن بہ سبب طلاق ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“


ڪي فريسي جيڪي انهيءَ تاڙ ۾ رهندا هئا تہ يسوع تي ڪا تهمت هڻن، سي غور سان ڏسڻ لڳا تہ ڇا يسوع انهيءَ ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ٿو.


انهيءَ لاءِ جو هنن وجھہ پئي ڳوليو تہ هو سندس چيل ڪا ڳالهہ پڪڙي وٺن.


اهو ڏسي ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ کي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ تہ يسوع سبت جي ڏينهن بيمار کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو هو. تنهنڪري هو ماڻهن کي چوڻ لڳو تہ ”هفتي ۾ ڇهہ ڏينهن آهن جن ۾ ڪم ڪار ڪرڻ جائز آهي. سو انهن ڏينهن تي ڀلي اچو ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿيو، پر سبت جي ڏينهن تي نہ.“


هاڻ اسان کي ٻڌايو تہ اسان لاءِ رومي مهاراجا قيصر کي ٽيڪس ڏيڻ جائز آهي يا نہ؟“


کين چيائين تہ ”اوهين هن شخص تي جيڪا تهمت هڻي هِت مون وٽ وٺي آيا آهيو تہ هو قوم کي برغلائي ٿو، تنهن لاءِ مون اوهان جي اڳيان جاچي ڏٺو آهي تہ هو اهڙي ڪنهن بہ ڏوهہ جو ڏوهاري نہ آهي، جيئن اوهين چئو ٿا.


اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل راجا آهيان.‘“


تنهنڪري جيڪو ماڻهو ڇٽي چڱو ڀلو ٿيو هو، تنهن کي يهودي اڳواڻ چوڻ لڳا تہ ”اڄ سبت آهي، سو تو کي کٽولو کڻڻ جائز نہ آهي.“


انهن ۾ ڪيترائي معذور يعني انڌا، منڊا ۽ سڙيل سڪل پيا هوندا هئا.


هاڻ جيڪڏهن سبت جي ڏينهن تي ڪنهن ڇوڪري جي ختني ڪرائڻ ڪري موسيٰ جي نيم جي ڀڃڪڙي نہ ٿي ٿئي، تہ پوءِ اوهين مون تي ڇو ڪاوڙيا آهيو جو مون هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن تي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو آهي؟


انهن کيس ڦاسائڻ لاءِ ائين چيو تہ جيئن مٿس تهمت هڻڻ جو سبب ملين. پر يسوع نِوڙي زمين تي پنهنجي آڱر سان لکڻ لڳو.


تنهن تي فريسين مان ڪن چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ هي ڪم ڪيو آهي سو ايشور جي طرفان ٿي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ هن سبت جي ڏينهن کي نہ مڃيو آهي.“ پر ٻين چيو تہ ”جيڪو پاپي آهي سو اهڙا چمتڪار ڪيئن ٿو ڪري سگھي.“ تنهنڪري انهن ۾ ڏڦيڙ پئجي ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ