Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:6 - Hindu Sindhi Bible

6 سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ مبارڪ آهي اُهو جيڪو منهنجي ڪري گمراهہ نٿو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 سڀاڳو آھي اُھو جنھن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:6
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اهو سنديش انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


حيف آهي هن سنسار تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي ڀَٽڪائين ٿيون. ماڻهو ڀَٽڪي تہ ضرور ويندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو ڀَٽڪي وڃي ٿو.


ان وقت گھڻا ئي ڀَٽڪي ويندا، هڪٻئي کي پڪڙائيندا ۽ هڪٻئي سان دشمني ڪندا.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اڄ رات اوهين سڀيئي مون کي ڇڏي ڀڄي ويندا، جيئن پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’آءٌ ريڍار کي ماريندس ۽ ڌڻ جون رڍون ٽڙي پکڙي وينديون.‘


جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي ساڄي اک کيس ڀَٽڪائي وجھي تہ هو اها ڪڍي اڇلائي ڇڏي، ڇاڪاڻ تہ هن لاءِ اهو بهتر آهي تہ سندس عضون مان ڀلي هڪڙو هليو وڃي پر هن جو سڄو شرير نرڳ ۾ نہ پوي.


ڇا هي اهو واڍو نہ آهي جيڪو مريم جو پٽ ۽ يعقوب، يوسيس، يهوداہ ۽ شمعون جو ڀاءُ آهي؟ ڇا هن جون ڀينرون هتي نہ ٿيون رهن؟“ سو هنن يسوع کي قبول نہ ڪيو.


پوءِ شمعون انهن لاءِ آسيس گھري ۽ ٻار جي ماتا مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايشور جي طرفان چتاءُ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،


سڀاڳو آهي اهو جنهن کي مون بابت ڪوبہ شڪ نہ آهي.“


اهي سڀ ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ ٻڌايون آهن تہ جيئن اوهين ڀَٽڪي نہ وڃو.


تنهن تي يسوع جا گھڻا ئي چيلا کانئس ڦري موٽي هليا ويا.


پر جنهن ماڻهوءَ کي پوِتر آتما مليل نہ آهي، سو ايشور جي پوِتر آتما جون ڳالهيون قبول نہ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جي نظر ۾ مورکتا آهن. هو انهن کي سمجھي نہ ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ اهي پوِتر آتما جي وسيلي ئي پرکي سگھجن ٿيون.


جيڪڏهن اڃا تائين آءٌ اهو پرچار ڪريان ٿو تہ ختنو ڪرائڻ ضروري آهي، تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ ڇو ٿو ستايو وڃان؟ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ سوليءَ وارو منهنجو پرچار ڪنهن لاءِ بہ ٺوڪر جو سبب نہ رهيو.


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو ايشور جي فرمان تي وشواس نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ