Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:3 - Hindu Sindhi Bible

3 هنن اچي يسوع کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 تہ جيڪو اچڻ وارو آهي سو تون آهين يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ ڏسون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آهي، سو اوهين ئي آهيو يا اسين ڪنهن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ھنن اچي عيسيٰ کان پڇيو تہ ”جيڪو اچڻ وارو آھي، سو اوھين ئي آھيو يا اسين ڪنھن ٻئي جو انتظار ڪريون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:3
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ يوحنا ئي اهو آهي جنهن بابت پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘


تنهن تي يسوع جواب ڏنن تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهين ٻڌو ۽ ڏسو ٿا سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ


”صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ ’ڏسو، اوهان جو راجا اوهان وٽ اچي پيو، هو نماڻو آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي، بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“


ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“


جيڪي ماڻهو يسوع جي اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي!


”سڀاڳو آهي اهو راجا، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! شل آڪاش تي شانتي ۽ ايشور جي مهما هجي!“


مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، پرڀو! مون کي وشواس آهي تہ مسيح ايشور جو پٽ، جيڪو سنسار ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“


سو اهي ميڙ وارا کجيءَ جون ڇڙيون هٿن ۾ کڻي سندس آڌرڀاءَ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ نعرا هڻڻ لڳا تہ ”ايشور جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! بني اسرائيل جو راجا مبارڪ، مبارڪ!“


اهڙيءَ طرح اها منهنجي جوت ظاهر ڪندي، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجيون ڳالهيون هونديون جيڪي اوهان کي کولي ٻڌائيندي.


يسوع چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پتا جي ڀڳتي نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا.


يسوع جو اهو چمتڪار ڏسي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”سچ پچ هي ايشور جو سنديش ڏيندڙ اهو سنت آهي، جيڪو هن سنسار ۾ اچڻو آهي.“


اتي موجود ماڻهن مان ڪيترا ئي مٿس وشواس آڻيندي چوڻ لڳا تہ ”اهو ئي مسيح آهي، ڇاڪاڻ تہ هن کان وڌيڪ چمتڪار ٻيو ڪو ڪري سگھندو ڇا؟“


”تمام ٿورو وقت باقي آهي، جو اچڻ وارو ايندو ۽ دير نہ ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ