Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:29 - Hindu Sindhi Bible

29 منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

29 منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 منھنجي پاڃاري پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇالاءِ⁠جو آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آھيان. اوھان جي روح کي آرام ملندو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:29
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


”صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ ’ڏسو، اوهان جو راجا اوهان وٽ اچي پيو، هو نماڻو آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي، بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“


۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


”تنهنڪري جيڪو بہ منهنجيون هي ڳالهيون ٻڌي انهن تي عمل ڪري ٿو سو اهڙي سياڻي ماڻهوءَ مثل آهي جنهن پنهنجو گھر ٽڪر تي اڏايو هجي.


تنهن تي ماڻهو اهو حال ڏسڻ لاءِ نڪري آيا ۽ يسوع وٽ اچي ڏسن تہ اهو ماڻهو جنهن مان ڀوت نڪري ويا هئا، سو ڪپڙا پائي پوري هوش حواس ۾ يسوع جي پيرن وٽ ويٺو آهي. تڏهن انهن سڀني کي ڊپ وٺي ويو.


مون اوهان کي اهو نمونو ڏنو آهي، تہ جيئن اوهين بہ ائين ئي ڪندا رهو جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي.


هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“


هي اهو ئي موسيٰ آهي جنهن بني اسرائيل کي چيو تہ ’ايشور اوهان لاءِ اوهان مان ئي مون جهڙو سنديش ڏيندڙ هڪڙو سنت موڪليندو.‘


غير قومون جيڪي نيم کان سواءِ آهن، تن لاءِ آءٌ انهن جهڙو بڻيس تہ جيئن کين هٿ ڪريان، جيتوڻيڪ آءٌ پاڻ ايشور جي نيم کان سواءِ ڪين هئس. اهو ائين جو آءٌ مسيح جي نيم جو پابند هئس.


هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ


يعني انهن اجاين دليلن ۽ هٺ وارين ڳالهين کي مِٽائي ٿا ڇڏيون، جيڪي ايشور کي ڄاڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي اُڀرن ٿيون. اسين هر هڪ خيال کي قيد ڪري مسيح جي وس هيٺ ٿا ڪريون.


اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو يسوع مسيح جو هو.


اوهين ائين ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ پرڀو يسوع جي اختياريءَ سان جيڪي حڪم اسان اوهان کي ڏنا سي اوهين ڄاڻو ٿا.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري ايشور کي ٿا ڄاڻين.


ائين موت تائين پهچائيندڙ تڪليفن جي وسيلي ايشور جي طرفان ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو ڪامل سردار ڪاهن مقرر ٿي هو پنهنجي سڀني فرمانبردارن لاءِ امر مڪتيءَ جو سبب بڻيو.


جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ ايشور ۾ رهان ٿو،“ تنهن تي لازم آهي تہ هو اهڙيءَ طرح وفاداريءَ سان هلي جهڙيءَ طرح مسيح هلندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ