Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:26 - Hindu Sindhi Bible

26 هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 هائو، بابا، ڇالاءِ جو تنهنجي نظر ۾ ائين چڱو آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ھا بابا، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي رضا ۽ خوشيءَ سان ائين ٿيو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


”اي پتا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


يسوع چيو تہ ”اي پتا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.


تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ يسوع مٿي نهاري چيو تہ ”اي پتا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي.


پوءِ يسوع چوڻ لڳو تہ ”منهنجي دل ڏکويل آهي، هاڻي آءٌ ڇا چوان؟ ڇا آءٌ ائين چوان تہ ’اي پتا! مون کي هن گھڙيءَ کان بچاءِ‘؟ پر هن گھڙيءَ لاءِ ئي تہ آءٌ آيو آهيان.


سو اي پتا! تون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪر.“ تنهن تي آڪاش مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“


مطلب تہ ايشور جنهن تي ديا ڪرڻ گھري ٿو، تنهن تي ديا ڪري ٿو ۽ جنهن کي ضد تي قائم رکڻ گھري ٿو تنهن جي دل کي سخت ڪري ٿو.


ايشور اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو ايشور جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


اهو سڀ ايشور شروع کان ئي پنهنجي ڪيل ارادي موجب اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي پورو ڪيو.


انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ