Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:18 - Hindu Sindhi Bible

18 ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا وِرت جي ڪري اڪثر نہ کاڌو ٿي، نہ پيتو ٿي، تڏهن ماڻهن چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو يوحنا نڪي کائيندو آيو نڪي پيئندو آيو، ۽ ماڻهو چون ٿا تہ هن ۾ ڀوت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ساڳيءَ طرح جڏهن يحيٰ روزي جي ڪري اڪثر نہ کاڌو ٿي، نہ پيتو ٿي، تڏهن ماڻهن چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 يحيٰ نہ کائيندو نہ پيئندو آيو آھي، تنھنڪري ماڻھو چون ٿا تہ ھن ۾ ڀوت آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:18
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

چيلي لاءِ سٺو اهو آهي تہ هو پنهنجي گروءَ سان هر حال ۾ شامل رهي ۽ غلام لاءِ تہ پنهنجي مالڪ سان. سو جيڪڏهن گھر جي مالڪ کي ئي ڀوتن جو سردار بعل‌زبول ڪري سڏيو وڃي تہ سندس گھر جي ڀاتين کي تہ ان کان بہ وڌيڪ بدتر ڪري سڏيندا.“


’اسان اوهان لاءِ شرنايون وڄايون، پر اوهين نچيا ئي ڪين. اسان اوهان لاءِ پار ڪڍيا، پر اوهين رنا ئي ڪين.‘


يوحنا کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.


پر فريسي چوڻ لڳا تہ ”هو ڀوتن جي سردار جي مدد سان ماڻهن مان ڀوت ڪڍي ٿو.“


ڪي نيم شاستري جيڪي يروشلم کان آيا هئا، تن پئي چيو تہ ”يسوع ۾ ڀوتن جو سردار بعل‌زبول آهي. سو انهيءَ جي مدد سان ئي هو ڀوتن کي ماڻهن مان ڪڍي ٿو.“


پرميشور جي شرڻ ۾ هو مهان هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماتا جي پيٽان ئي پوِتر آتما سان ڀريل هوندو.


هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“


تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”تو ۾ تہ ڀوت آهي. ڪير تو کي مارڻ جي ڪوشش ۾ آهي؟“


تڏهن انهن يهودين يسوع کي چيو تہ ”ڇا اسين سچ نہ چئي رهيا هئاسين تہ تون سامرين وانگر ڪافر آهين ۽ تو ۾ ڀوت آهي؟“


تنهن تي انهن يهودين کيس چيو تہ ”هاڻي اسان کي پڪ ٿي تہ تو ۾ ڀوت آهي. ابرهام مري ويو ۽ سنديش ڏيندڙ سنت بہ مري ويا، تہ بہ تون چوين ٿو تہ ’جيڪو منهنجي ڳالهين تي عمل ڪندو سو ڪڏهن بہ نہ مرندو.‘


جيئن ئي پولس هن نموني پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيو هو تہ فيستس وڏي واڪي چيس تہ ”پولس تون ديوانو آهين. گھڻو پڙهي پڙهي تون چريو ٿي پيو آهين.“


بلڪ آءٌ شرير وارين خواهشن کي ماري پنهنجي شرير کي پوري وس ۾ ٿو رکان. ائين نہ ٿئي جو ٻين ۾ پرچار ڪندي آءٌ پاڻ قبول نہ پوان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ