Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:11 - Hindu Sindhi Bible

11 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آڪاش جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي زال ذات مان ڄاوا آهن، تن منجهان ڪوبہ يوحنا بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو پيدا نہ ٿيو آهي: انهي هوندي بہ آسمان جي بادشاهت ۾ جيڪو ننڍو آهي سو اُنهي کان وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪي بہ ماءُ جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ آسمان جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يحيٰ کان بہ وڏو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

11 آءٌ اوھان کي سچ ٿو ٻڌايان تہ جيڪي⁠بہ ماءُ جي پيٽان نڪتا آھن، تن ۾ يحيٰ بپتسما ڏيڻ واري کان ڪوبہ وڏو نہ آھي. تنھن ھوندي بہ آسمان واري بادشاھت ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آھي سو يحيٰ کان وڏو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 11:11
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بلڪ يوحنا ئي اهو آهي جنهن بابت پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجي سنديش ڏيندڙ کي تو کان اڳ ۾ موڪليان ٿو، تہ هو تنهنجي لاءِ رستو تيار ڪري.‘


يوحنا بپتسما ڏيڻ واري جي پرچار کان وٺي هن وقت تائين آڪاش جي راڄ تي ڏاڍائي پئي ٿي آهي ۽ ڏاڍا ماڻهو ان کي ڏاڍائيءَ سان ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ڪجھہ سالن کان پوءِ يوحنا بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻ‌پٽ ۾ پرچار ڪندو پئي وتيو تہ


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آڪاش جي راڄ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آڪاش جي راڄ ۾ وڏو سڏبو.


پرميشور جي شرڻ ۾ هو مهان هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماتا جي پيٽان ئي پوِتر آتما سان ڀريل هوندو.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪي بہ ماتا جي پيٽ مان نڪتا آهن، انهن ۾ ڪوبہ يوحنا کان وڏو نہ آهي. تنهن هوندي بہ ايشور جي راڄ ۾ جيڪو سڀني کان ننڍو آهي سو يوحنا کان بہ وڏو آهي.“


پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن ايشور کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“


يوحنا هن بابت شاهدي ڏيندي وڏي واڪي چيو هو تہ ”هي اهو آهي، جنهن بابت مون چيو هو تہ ’جيڪو منهنجي پٺيان ٿو اچي سو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو.‘“


هو مون کان پوءِ اچي رهيو آهي ۽ آءٌ تہ انهيءَ لائق بہ نہ آهيان جو سندس جتيءَ جون ڪهيون کوليان.“


ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“


اهو ضروري آهي تہ هو وڌي ۽ آءٌ گھٽجان.“


يوحنا ٻرندڙ ۽ چمڪندڙ ڏيئي وانگر هو ۽ اوهان گھڙي پلڪ هن جي روشنيءَ ۾ خوش رهڻ پسند ڪيو.


هن اها ڳالهہ پوِتر آتما بابت ٿي ڪئي، جيڪا انهن ماڻهن کي ملڻي هئي جن مٿس وشواس آندو هو. پر انهن کي پوِتر آتما اڃا نہ ملي هئي، ڇاڪاڻ تہ يسوع کي اڃا سربلند نہ ڪيو ويو هو.


آءٌ تہ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۾ سڀني کان گھٽ آهيان، بلڪ سنت سڏجڻ جي بہ لائق نہ آهيان، ڇاڪاڻ تہ ايشور جي منڊليءَ کي ستايو هئم.


تنهنڪري جيڪڏهن اوهان کي فيصلي ڪرائڻ لاءِ سنسار جا معاملا آهن تہ انهن فيصلن لاءِ اوهين اهڙن ججن وٽ ڇو ٿا وڃو جيڪي منڊليءَ جي نظر ۾ نيچ آهن؟


اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.


جيتوڻيڪ آءٌ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ سڀني کان گھٽ آهيان، تنهن هوندي بہ ايشور اها ڪرپا مون کي بخشي تہ آءٌ غير قومن کي مسيح جي بي‌انداز دولت جي خوشخبري ٻڌايان


هاڻ اها اسان جي مڪتي ڏيندڙ يسوع مسيح جي اچڻ سان ظاهر ٿي، جنهن موت کي ناس ڪري ڇڏيو ۽ جيون بلڪ ناس نہ ٿيندڙ جيون کي پنهنجي خوشخبريءَ جي وسيلي روشنيءَ ۾ آڻي اسان تي ظاهر ڪيو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ايشور اڳي ئي هڪ بهتر منصوبو جوڙي ڇڏيو هو جنهن ۾ اسين بہ شامل آهيون. ايشور چاهيو ٿي تہ اهي سڀ اسان سان گڏجڻ سان ئي وٽس ڪامل ڪيا وڃن.


ايشور جي سنديش ڏيندڙ سنتن انهيءَ ئي مڪتيءَ جي باري ۾ وڏي ڳولا ۽ کوجنا ڪئي ۽ اڳڪٿي ڪري انهيءَ ڪرپا بابت ٻڌايائون، جيڪا ايشور هاڻي اوهان تي ڪري رهيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ