Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:26 - Hindu Sindhi Bible

26-27 ”تنهنڪري مخالفن کان نہ ڊڄو. جيڪو هينئر آءٌ اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوهين ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوهين اڪيلائي ۾ مون کان ٻڌو ٿا سو کُليو کُلايو پڪارجو، ڇاڪاڻ تہ ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 تنهنڪري اُنهن کان نہ ڊڄو، ڇالاءِ جو اهڙي ڪابہ ڍڪيل شيءِ ڪانهي جا ظاهر ٿيندي، نڪا اهڙي ڪا لڪل شيءِ آهي جا پڌري نہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26-27 ”تنهنڪري مخالفن کان نہ ڊڄو. جيڪو هينئر آءٌ اوهان کي اونداهيءَ ۾ ٻڌايان ٿو سو اوهين ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌائجو. جيڪو اوهين اڪيلائي ۾ مون کان ٻڌو ٿا سو کُليو کُلايو پڪارجو، ڇاڪاڻ تہ ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 ”تنھنڪري انھن کان نہ ڊڄو. ڇالاءِ⁠جو اھڙي ڪابہ شيءِ ڍڪيل نہ آھي جا پڌري نہ ٿيندي ۽ اھڙي ڪابہ لڪل نہ آھي جا ظاھر نہ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:26
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ماڻهن کان نہ ڊڄو، جيڪي رڳو شرير کي مارين ٿا پر آتما کي نہ ٿا ماري سگھن. ان جي بدران ايشور کان ڊڄو، جيڪو ٻنهي يعني شرير ۽ آتما کي ماري نرڳ ۾ وجھي سگھي ٿو.


مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي ۽ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ٿيندي.


پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان پاپن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جو پرچار ڪيو ويندو.


مطلب تہ اهڙي ڪابہ شيءِ لڪل نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ ڳالهہ ڳجھي نہ آهي جنهن جي سڌ نہ پوندي ۽ جيڪا ظاهر نہ ٿيندي.


پر جڏهن پوِتر آتما اوهان تي پرگھٽ ٿيندي، تڏهن اوهان کي شڪتي ملندي ۽ اوهين يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ منهنجا شاهد ٿيندا.“


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.


پر پطرس ۽ يوحنا ورندي ڏنن تہ ”اوهين پاڻ ئي انصاف ڪريو تہ ايشور جي نظر ۾ ڪهڙي ڳالهہ درست آهي، اوهان جو حڪم مڃڻ يا ايشور جو.


تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.


پر جيڪڏهن سچائيءَ جي ڪري کڻي تڪليفون سهو بہ تہ اوهين سڀاڳا آهيو. سو ماڻهن جي ڌمڪين کان نہ ڊڄو، نڪي پريشان ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ