Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:18 - Hindu Sindhi Bible

18 اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ راجائن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آڪاش جي راڄ بابت خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 هائو، ۽ منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ بادشاهن جي اڳيان وٺي ويندا، انهي لاءِ تہ سندن لاءِ، ۽ غير قومن لاءِ شاهدي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اوهان کي منهنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاهن اڳيان پيش ڪيو ويندو. تڏهن اوهين انهن کي توڙي ٻين غير قوم وارن کي بہ آسمان جي بادشاهيءَ بابت خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 اوھان کي منھنجي ڪري حاڪمن ۽ بادشاھن اڳيان پيش ڪيو ويندو، ڇوتہ اوھين انھن غير قومن کي خوشخبري ٻڌائيندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجين ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.


پر جڏهن هو اوهان کي گرفتار ڪرائين تڏهن اها ڳڻتي نہ ڪجو تہ اوهان کي ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي. جيڪي اوهان کي چوڻو هوندو سو انهيءَ مهل پاڻ ئي اوهان کي ٻڌايو ويندو،


پوءِ يسوع هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي نيم موجب پنهنجي پوِتر ٿيڻ لاءِ ٻليدان ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پوِتر ٿيو آهين.“


سڀني قومن ۾ پهريائين ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ضرور ڪيو ويندو. سو اوهان کي پنهنجي هوشياري ڪرڻ کپي، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ اوهان کي مارڪُٽ ڪئي ويندي. منهنجي ڪري اوهان کي حاڪمن ۽ راجائن جي اڳيان پيش ڪيو ويندو. اتي اوهين اها خوشخبري ٻڌائيندا.


تنهنڪري اسان جي پرڀو يسوع بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران ايشور کان ملندڙ شڪتيءَ سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


آءٌ يوحنا اوهان جو وشواسي ڀاءُ، يسوع جو هئڻ ڪري ستائجڻ ۾، ايشور جي راڄ ۾ ۽ ثابت قدميءَ ۾ اوهان سان شريڪ آهيان. آءٌ ايشور جي سنديش ٻڌائڻ ۽ يسوع بابت شاهدي ڏيڻ ڪري انهيءَ ٻيٽ ۾ ڇڏيو ويو هئس جيڪو پتمس ٿو سڏجي.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن انهن پنهنجي اها شاهدي پوري ڪئي، تڏهن اوڙاهہ مان نڪرڻ وارو حيوان ساڻن وڙهيو ۽ مٿن حاوي پئي کين ماري وڌائين.


جڏهن گھيٽڙي پنجين مُهر ٽوڙي، تڏهن مون ٻليدان واري جاءِ جي هيٺان انهن جون آتمائون ڏٺيون، جيڪي يسوع بابت ايشور جي سنديش ۽ سندس شاهدي ڏيڻ تي قائم رهڻ سبب ڪُٺا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ