Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:14 - Hindu Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ جيڪو اوهان کي قبول نہ ڪري، نڪي اوهان جي ڳالهہ ٻڌي، تہ جيئن اُنهي گهر يا شهر مان نڪرو، تيئن پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 جيڪڏهن ماڻهو اوهان جو آڌرڀاءُ نہ ڪن يا اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌن، تہ پوءِ اهو گھر توڙي شهر ڇڏي وڃجو ۽ پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 جيڪڏھن ڪو گھر يا شھر اوھان جو آڌرڀاءُ نہ ڪري يا اوھان جي ڳالھہ نہ ٻڌي، تہ پوءِ اھا جاءِ ڇڏجو ۽ پنھنجي پيرن جي مٽي اُتي ڇنڊي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 10:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن گھر جي مالڪ نمسڪار وراڻيو تہ اوهان جو نمسڪار مٿس رهندو، پر جيڪڏهن نہ ورائيندو تہ اوهان جو نمسڪار اوهان ڏانهن موٽي ايندو.


۽ جيڪو بہ اهڙن ٻارن کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري سو مون کي قبول ٿو ڪري.“


جيڪڏهن ڪنهن اهڙي هنڌ وڃو جتان جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ پوءِ اتان رواني ٿيڻ وقت پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي ڇڏجو تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“


”جيڪو منهنجي ڪري اهڙن ٻارن مان ڪنهن بہ هڪڙي کي قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن نہ رڳو مون کي بلڪ ايشور کي بہ قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي.“


پوءِ چيلن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن ايشور کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“


جنهن شهر جا ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ انهيءَ شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجن پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ جيئن مٿن شاهدي ٿئي.“


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو ايشور کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“


تڏهن پولس ۽ برنباس انهن جي خلاف پنهنجي پيرن جي مٽي اتي ڇنڊي اڪونيم شهر ڏانهن هليا ويا.


جڏهن هو سندس خلاف ٿي پيا ۽ کيس گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا تہ هن پنهنجا ڪپڙا ڇنڊيندي کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي تباهيءَ جا ذميوار پاڻ آهيو، منهنجو ڪوبہ واسطو نہ آهي. اڄ کان پوءِ آءٌ غير قومن ڏانهن ويندس.“


تنهنڪري جيڪو هيءَ سکيا رد ٿو ڪري سو ماڻهوءَ کي نہ، بلڪ ايشور کي رد ٿو ڪري، جيڪو اوهان کي پنهنجي پوِتر آتما بخشي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ