Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:22 - Hindu Sindhi Bible

22 اهڙيءَ طرح اهي سڀ ڳالهيون جيڪي پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت فرمايون هيون سي پوريون ٿيون تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 هاڻي اُهي سڀ ڳالهيون انهي لاءِ ٿيون تہ جيڪي خداوند پنهنجي نبيءَ جي معرفت چوايو هو، سو اچي پورو ٿئي تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اهڙيءَ طرح اهي سڀ ڳالهيون جيڪي خداوند پنهنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون هيون سي پوريون ٿيون تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اھڙيءَ طرح اھي سڀ ڳالھيون جيڪي خداوند پنھنجي نبيءَ جي معرفت فرمايون ھيون سي پوريون ٿيون تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:22
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهڙيءَ طرح ايشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿيو تہ


پر اهو سنديش انهن جي دلين ۾ پاڙ نہ ٿو هڻي ۽ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ٿو ڪري. تنهنڪري جڏهن سنديش جي ڪري کين ڪا تڪليف ڏني وڃي ٿي يا ستايو وڃي ٿو تہ اهي جلدي ڦري وڃن ٿا.


انهيءَ لاءِ تہ جيئن سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”آءٌ مثالن ۾ ڳالهائيندس ۽ اهي ڳالهيون چوندس، جيڪي سنسار جي شروعات کان وٺي ڳجھيون رکيون ويون آهن.“


هيروديس جي مرڻ تائين هو اُتي ئي رهيا، انهيءَ لاءِ تہ پرميشور پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنت جي معرفت جيڪي چيو هو سو پورو ٿئي تہ ”مون پنهنجي پٽ کي مصر مان گھرايو آهي.“


۽ اچي ناصرت ڳوٺ ۾ رهيو. اهو ان ڪري ٿيو تہ سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت جيڪي چيو ويو هو سو پورو ٿئي تہ ”هو ناصري سڏيو ويندو.“


”اوهين ائين نہ سمجھو تہ آءٌ نيم شاستر توڙي پوِتر شاستر جي ٻين لکتن کي رد ڪرڻ لاءِ آيو آهيان. آءٌ انهن کي رد ڪرڻ لاءِ نہ، پر مڪمل ڪرڻ لاءِ آيو آهيان.


هن اهي ڪم ڪري سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جي چيل وچن کي پورو ڪري ڏيکاريو تہ ”هن پاڻ اسان جون بيماريون ورتيون، هائو، اسان جا سڀ مرض پنهنجي سر تي کنيا.“


اهي ايشور جي ڏمر جا ڏينهن ٿيندا، تہ جيئن پوِتر شاستر جون سڀيئي ڳالهيون پوريون ٿين.


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


ڏسو، ايشور انهن کي پنهنجا پٽ سڏيو جن کي سندس وچن مليل هو. هاڻ پوِتر شاستر تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي.


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي.


هن اهو انهيءَ لاءِ چيو تہ جيڪو اڳي چيو هئائين سو پورو ٿئي تہ ”اي پتا! تو جيڪي مون کي ڏنا هئا تن مان مون ڪنهن هڪ کي بہ نہ وڃايو آهي.“


ائين ايشور جيڪو اڳي سڀني سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت چيو هو تہ سندس مسيح اهي تڪليفون سهندو، سو هن انهيءَ طرح پورو ڪيو.


انهيءَ خوشخبريءَ جو وچن ايشور اڳي ئي پوِتر شاستر ۾ پنهنجي سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت ڪيو هو.


انهيءَ لاءِ جو ايشور انهن جي دلين ۾ اها ڳالهہ وجھي ڇڏي آهي تہ اهي ڏهہ راجا سندس مقصد پورو ڪن ۽ هڪ راءِ ٿي انهيءَ وقت تائين راڄ‌ڀاڳ ڪرڻ جو پنهنجو اختيار انهيءَ حيوان جي حوالي ڪن، جيستائين ايشور جون ڳالهيون پوريون ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ