Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:20 - Hindu Sindhi Bible

20 پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان کيس پيٽ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت فڪر ۾ هو، تہ ڏسو تہ هن کي خواب ۾ خدا جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ اي دائود جا پٽ يوسف، تون مريم پنهنجي زال کي پاڻ وٽ آڻڻ کان نہ ڊڄ، ڇالاءِ جو جيڪو حمل ٿيو اٿس سو پاڪ روح جي قدرت سان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

20 پر جڏھن ھو انھن ڳالھين بابت ڳڻتيون ڪري رھيو ھو تہ ھن کي خواب ۾ خداوند جو ھڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو جنھن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنھنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇالاءِ⁠جو پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




متي رسول جي معرفت پاڪ انجيل 1:20
38 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع مسيح جو جنم هن ريت ٿيو جو جڏهن سندس ماتا مريم جو مڱڻو يوسف سان ٿيل هو، پر اڃا سندن شادي ڪانہ ٿي هئي تہ مريم کي سڌ پيئي تہ کيس پوِتر آتما جي شڪتيءَ سان پيٽ ٿيو آهي.


ايشور انهن کي خواب ۾ چتاءُ ڏنو تہ ”متان وري هيروديس وٽ ويا آهيو.“ تنهنڪري اُهي ٻيو رستو وٺي پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽي ويا.


جڏهن اُهي هليا ويا تہ پرميشور جو هڪڙو دوت يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماتا کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ پرميشور جو هڪڙو دوت ڏسڻ ۾ آيو،


جڏهن هن کي خبر پيئي تہ اتي ارخلائوس پنهنجي پتا هيروديس جي گاديءَ تي يهوديہ صوبي جو حڪمران ٿيو آهي تہ هو اوڏانهن وڃڻ کان ڊڄڻ لڳو. تڏهن هن کي خواب ۾ وڌيڪ هدايتون مليون، سو هو گليل صوبي ۾ آيو


اڃا هو عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺو ئي هو تہ سندس پتنيءَ چوائي موڪليس تہ ”هن نيڪ ماڻهوءَ جي معاملي ۾ هٿ نہ وجھجانءِ، ڇاڪاڻ تہ اڄ خواب ۾ مون هن جي ڪري ڏاڍو ڏک ڏٺو آهي.“


انهيءَ دوت نارين کي چيو تہ ”اوهين نہ ڊڄو. آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين يسوع کي ڳولي رهيون آهيو، جيڪو سوليءَ تي چاڙهيو ويو هو.


تنهن تي دوت وراڻيس تہ ”آءٌ جبرائيل آهيان ۽ ايشور جي شرڻ ۾ حاضر رهندو آهيان. ايشور ئي مون کي موڪليو آهي تہ تو سان ڳالهايان ۽ تو کي اها خوشخبري ٻڌايان.


جيئن تہ يوسف راجا دائود جي پيڙهيءَ مان هو، تنهنڪري هو بہ گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يهوديہ علائقي جي ڳوٺ بيت‌لحم ڏانهن روانو ٿي ويو جيڪو راجا دائود جي جنم جو هنڌ هو،


پر انهيءَ رات پرڀوءَ جي هڪڙي دوت اچي جيل جا دروازا کوليا ۽ سنتن کي ٻاهر ڪڍي کين چيائين تہ


اچو تہ اسين خوش ٿيون ۽ خوشيون ملهايون ۽ سندس مهانتا ظاهر ڪريون، ڇاڪاڻ تہ گھيٽڙي جي شاديءَ جو ڏينهن اچي پهتو آهي ۽ سندس ڪنوار بہ پاڻ کي تيار ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ