Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:51 - Hindu Sindhi Bible

51 جڏهن يسوع جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

51 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سندس مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجها آيا، تڏهن پڪو ارادو ڪري يروشلم ڏانهن رخ رکيائين تہ اوڏانهن وڃان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

51 جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

51 जड॒ऐं येशुअ जे स्वर्ग॒अ में खणाएजी वञण जा डी॒ंहं वेझा आया, त हुन यरूशलेम वञण जो पको इरादो कयईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

51 جڏھن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينھن ويجھا ٿيا، تڏھن ھن يروشلم ڏانھن رخ ڪرڻ جو پڪو پھہ ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:51
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ پرڀو يسوع آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ ايشور جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان.


جيئن يسوع ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر مان لنگھندو ۽ رستي ۾ سکيا ڏيندو يروشلم ڏانهن پئي ويو،


يروشلم ڏانهن ويندي يسوع گليل ۽ سامريہ جي سرحدي علائقن وچان لنگھيو پئي ويو.


يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ منش‌پتر بابت جيڪي ڳالهيون سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.


جيئن تہ يسوع يروشلم ۾ پهچڻ تي هو، سو جن ماڻهن سندس هي ڳالهيون پئي ٻڌيون سي ائين سمجھن پيا تہ هينئر ئي ٿو ايشور جو راڄ ظاهر ٿئي. تنهن تي يسوع هڪڙو مثال ڏيندي


اهي ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ يسوع يروشلم ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳو.


جيئن ئي هو انهن لاءِ آسيس گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آڪاش ڏانهن کڄي ويو.


جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويا تہ هڪڙي ماڻهوءَ يسوع کي چيو تہ ”جيڏانهن اوهين ويندا، اوڏانهن آءٌ بہ اوهان جي پٺيان هلندس.“


هاڻ جيئن تہ يسوع کي اها سڌ پئجي ويئي تہ ”منهنجي اها گھڙي اچي ويئي آهي جو آءٌ هي سنسار ڇڏي پتا ڏانهن وڃان،“ تنهن هوندي بہ جيڪي هن سنسار ۾ پنهنجا هئس تن کي هو انتم گھڙيءَ تائين پيار ڪندو آيو. فصح جي تهوار کان هڪ ڏينهن اڳ ۾


هائو، آءٌ پتا وٽان نڪري سنسار ۾ آيس ۽ هاڻي سنسار کي ڇڏي پتا ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“


پر جيئن تہ هاڻي آءٌ انهيءَ ڏانهن وڃي رهيو آهيان جنهن مون کي موڪليو آهي، تڏهن آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو. پر اوهان مان ڪوبہ مون کان اهو نہ ٿو پڇي تہ ’اوهين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟‘


هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ سنسار ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا سنسار ۾ رهندا. اي پوِتر پتا! تون پنهنجي پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.


ڀلا جيڪڏهن اوهين منش‌پتر کي آڪاش ڏانهن کڄي ويندي ڏسو جتي هو اڳ ۾ هو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟


اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آڪاش ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


جيڪا هن مسيح ۾ ظاهر ڪئي، جڏهن کيس مئلن مان جيوت ڪري اٿاريائين ۽ آڪاش تي پنهنجي ساڄي پاسي ويهاريائين.


تنهن منزل ڏانهن زور لڳائيندو ڊوڙندو وڃان، تہ جيئن سربلنديءَ وارو اهو انعام کٽان جنهن جو سڏ يسوع مسيح ۾ شامل هئڻ ڪري ايشور وٽان آيو آهي.


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين يسوع تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي وشواس جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري سوليءَ جي تڪليف سٺي ۽ ايشور جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اتي يسوع هميشہ جي لاءِ ملڪِ‌صدق جي مرتبي جهڙو سردار ڪاهن ٿي اسان جي خاطر اسان کان پهريائين داخل ٿيو آهي.


هو آڪاش تي وڃي ايشور جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ دوت، اختياريون ۽ شڪتيون سندس وس هيٺ ڪيون ويون آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ