Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:42 - Hindu Sindhi Bible

42 جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر يسوع ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پتا جي حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 ۽ اڃا هو آيو پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو ولوڙيائينس. پر يسوع ڀوت کي جهڻڪيو، ۽ ڇوڪر کي چڱو ڀلو ڪري پڻس جي حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

42 उहे जड॒ऐं उन छोकरे खे येशुअ वट वठी ही प्या अचन, त दुष्‍टआत्मा उन छोकरे खे ज़मीनअ ते किराए करे मरोड़ियईंस परअ येशुअ उन दुष्‍टआत्मा खे दड़को डि॒नईं ऐं छोकरे खे बिल्कुल ठीक करे उन जे पिता खे सौंपे छड॒यईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس ھيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھٽيائينس. پر عيسيٰ ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:42
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڇوڪري کي وٽس آندو. يسوع کي ڏسندي ئي ڀوت ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ ڇوڪرو پٽ تي ڪري ليٿڙڻ لڳو ۽ وات مان گِگَ پئي وهيس.


تنهن تي اهو مري ويل اُٿي ويٺو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو. پوءِ ان ڇوڪر کي سندس ماتا جي حوالي ڪيائين.


تنهن تي يسوع چيو تہ ”اي بي‌وشواس ۽ ڀَٽڪيل قوم! آءٌ ڪيستائين اوهان سان هوندس ۽ ڪيستائين اوهان جون ڳالهيون برداشت ڪندس؟“ پوءِ هن ڇوڪري جي پتا کي چيو تہ ”پنهنجي پٽ کي مون وٽ آڻ.“


سڀيئي ايشور جي ايڏي شڪتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو يسوع جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني چيلن کي چيو تہ


جڏهن چيلا پنج ڇهہ ڪلوميٽر ٻيڙي ڪاهي هليا، تڏهن ڏٺائون تہ يسوع پاڻيءَ تي پنڌ ڪندو ٻيڙيءَ جي ويجھو پيو اچي. اهو ڏسي هو ڏاڍو ڊڄي ويا.


پطرس کيس هٿ کان وٺي اٿاريو ۽ وڌوائن سميت مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيل سڀني ماڻهن کي سڏي جيوت طبيٿا سندن حوالي ڪيائين.


تنهنڪري اي آڪاشؤ ۽ آڪاشن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي ڌرتي ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ