Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:33 - Hindu Sindhi Bible

33 جڏهن موسيٰ ۽ ايلياہ يسوع وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ.“ پر کيس سڌ ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 ۽ جڏهن اُهي وٽانئس ويا ٿي، تڏهن هيئن ٿيو، جو پطرس، يسوع کي چيو، تہ اي سائين، اسان جو هتي رهڻ چڱو آهي، تنهنڪري ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، هڪڙو تو لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ، ۽ ٽيون ايلياہ لاءِ: پر خبر ئي ڪانہ ٿي پيس تہ ڇا ٿو چوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 جڏهن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏهن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي استاد! اسان جا ڀاڳ ڀلا آهن جو اسين هتي آهيون. سو اسين ٽي تنبو کوڙيون، هڪڙو اوهان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس خبر ئي ڪانہ ٿي پئي تہ ڇا چئي رهيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

33 जड॒ऐं मूसा ऐं एलिय्याह येशुअ वटां रवाना थी रया हुवा, त पतरसअ येशुअ खे चयो, “हे गुरू, इयो असां जे लाए केडो॒ सुठो आहे के असां हिते आयूं। असां टे तंबू ता ठायूं; हिक तुंजे लाए, हिक मूसा जे लाए ऐं हिक एलिय्याह जे लाए।” उन खे खबरअ न हुई के उहो छा तो चहे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 جڏھن موسيٰ ۽ الياس عيسيٰ وٽان وڃڻ لڳا تڏھن پطرس عيسيٰ کي چيو تہ ”اي سائين! اسان جا ڀاڳ ڀلا آھن جو اسين ھتي آھيون، سو ٽي تنبو کڻي ٿا کوڙيون، ھڪڙو اوھان لاءِ، ٻيو موسيٰ لاءِ ۽ ٽيون الياس لاءِ.“ پر کيس حقيقت ۾ خبر ئي ڪانہ ھئي تہ ڇا ٿو چوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:33
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع پنهنجي ٽنهي چيلن سان گڏ ٻين چيلن ۽ خلق ڏانهن موٽيو تہ هڪڙو ماڻهو وٽس اچي گوڏا کوڙي


تنهن تي پطرس يسوع کي چيو تہ ”اي پرڀو! اسان جو ڀاڳ ڀلو آهي جو اسين هتي آهيون. جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي تہ آءٌ هتي ٽي تنبو کوڙيان، هڪ اوهان لاءِ، هڪ موسيٰ لاءِ ۽ هڪ ايلياہ لاءِ.“


يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“


تنهن تي شمعون وراڻي ڏيئي چيس تہ ”اي سوامي! اسان سڄي رات لوڙيو آهي پر ڪجھہ بہ هٿ نہ آيو آهي، تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اوهين چئو ٿا تہ ڄار وجھرايان ٿو.“


اڃا هن ائين چيو ئي پئي تہ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ جڏهن اهي ڪڪر ۾ گھڙڻ لڳا تہ چيلا ڊڄي ويا.


پوءِ يوحنا يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! اسان هڪڙي ماڻهوءَ کي اوهان جي نالي تي ڀوت ڪڍندي ڏٺو تہ اسان کيس منع ڪئي، ڇو تہ هو اسان سان گڏ اوهان جي پيروي نہ ٿو ڪري.“


تنهن تي فلپس چيس تہ ”اي پرڀو! اسان کي پتا ڏيکاريو. بس اهو ئي اسان کي گھرجي.“


اسين پرچار انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن ايشور فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس مهانتا کي ڄاتو وڃي جيڪا يسوع مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ