Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 9:18 - Hindu Sindhi Bible

18 هڪ دفعي جڏهن يسوع اڪيلو پرارٿنا ڪري رهيو هو ۽ سندس چيلا ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پوءِ هيئن ٿيو جو پاڻ نويڪلائيءَ ۾ دعا پئي گهريائين، ۽ شاگرد ساڻس هئا: تڏهن اُنهن کان پڇيائين تہ ماڻهو منهنجي نالي ڇا ٿا چون، تہ هي ڪير آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رهيو هو ۽ سندس شاگرد ساڻس گڏ هئا، تڏهن انهن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آهيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

18 जड॒ऐं हिक डी॒ंह येशु अकेले में प्रार्थना करे रयो हो, त चेला बी हुन सां गड॒ हुवा उते येशुअ उनन खां पुछयईं, “मांणू मुंजे बारे में छाता चवन, के मां केर आयां?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ھڪ دفعي جڏھن عيسيٰ اڪيلو دعا گھري رھيو ھو ۽ شاگرد ساڻس گڏ ھئا تڏھن انھن کان پڇيائين تہ ”ماڻھو منھنجي لاءِ ڇا ٿا چون تہ آءٌ ڪير آھيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 9:18
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پاڻ ٽڪر تي پرارٿنا ڪرڻ ويو. رات تائين هو اتي اڪيلو ئي رهيو.


پوءِ يسوع پنهنجي چيلن سان گڏجي گتسمني نالي باغ ۾ آيو. اتي پهچي هن کين چيو تہ ”اوهين هتي ويهي رهو تہ آءٌ هُتي وڃي پرارٿنا ڪريان.“


هڪڙي دفعي ڪنهن هنڌ يسوع پرارٿنا پئي ڪئي. جڏهن هو پرارٿنا ڪري چڪو تڏهن سندس چيلن مان هڪڙي چيس تہ ”اي گرو! جهڙيءَ طرح يوحنا پنهنجي چيلن کي پرارٿنا سيکاري هئي، تهڙيءَ طرح اسان کي بہ پرارٿنا سيکاريو.“


هڪڙي دفعي جڏهن سڀني ماڻهن اردن درياءَ ۾ يوحنا کان بپتسما پئي ورتي تڏهن يسوع بہ کانئس بپتسما ورتي. پوءِ اتي بيٺي جيئن ئي پرارٿنا ٿي ڪيائين تہ آڪاش کُلي پيو


هڪڙي ڏينهن يسوع جبل تي پرارٿنا ڪرڻ ويو ۽ اتي سڄي رات ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ ۾ گذاريائين.


چيلن وراڻيو تہ ”ڪي چون ٿا تہ اوهين يوحنا بپتسما ڏيڻ وارا آهيو، ڪي چون ٿا تہ اوهين ايلياہ آهيو ۽ ڪي وري چون ٿا تہ اوهين ايشور جو سنديش ڏيندڙ آڳاٽن سنتن مان ڪو ٻيو جيوت ٿي اٿيا آهيو.“


انهن ڳالهين جي اٽڪل اٺن ڏينهن کان پوءِ يسوع پاڻ سان گڏ پطرس، يوحنا ۽ يعقوب کي وٺي هڪڙي جبل تي پرارٿنا ڪرڻ لاءِ ويو.


جيئن ئي هو پرارٿنا ڪري رهيو هو تہ سندس روپ بدلجي پيو ۽ سندس پوشاڪ اڇي تجليدار ٿي پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ