Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:50 - Hindu Sindhi Bible

50 پر يسوع هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک تہ هوءَ بچي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

50 پر يسوع هي ٻڌي کيس وراڻي ڏيئي چيو، تہ ڊڄ نہ، رڳو ايمان رک، تہ هوءَ بچي پوندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

50 پر عيسيٰ هي ٻڌي يائرس کي چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساهہ رک تہ هوءَ بچي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

50 येशुअ इयो बु॒धी करे उन खे चयईं, “ड॒क न। खाली विश्वास रख त उहा बची वेंदी।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

50 پر عيسيٰ ھي ٻڌي کيس چيو تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو ويساھہ رک تہ ھوءَ بچي پوندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:50
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع انهيءَ ڳالهہ تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو، بلڪ يائرس کي چيائين تہ ”گھٻراءِ نہ، رڳو وشواس رک.“


يسوع هن کي چيو تہ ”تنهنجي هنن لفظن تہ ’جيڪڏهن اوهين ڪجھہ ڪري سگھو ٿا،‘ جو مطلب ڇا آهي؟ ياد رک، جيڪو بہ ايشور تي وشواس رکي ٿو تنهن لاءِ سڀ ڪجھہ ٿي سگھي ٿو.“


تنهن تي يسوع چيس تہ ”ڌيءَ! تنهنجي وشواس تو کي ڇٽايو آهي، دلجاءِ سان هلي وڃ.“


پوءِ هو جڏهن انهيءَ گھر ۾ آيو تہ ڏٺائين تہ سڀني ڪنيا لاءِ پئي رنو ۽ پٽيو. اهو ڏسي يسوع چين تہ ”روئو نہ، ڇو تہ هوءَ مئي ڪانهي پر ستي پيئي آهي.“ تنهن تي اهي يسوع تي ٺٺوليون ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي يقين هو تہ هوءَ مري ويئي آهي. پوءِ يسوع پطرس، يوحنا، يعقوب ۽ ڪنيا جي ماتا پتا کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ پاڻ سان گڏ ڪنيا جي ڪمري ۾ اچڻ نہ ڏنو.


يسوع کيس چيو تہ ”قيامت ۽ جيون تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي وشواس رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ جيوت رهندو


يسوع هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون وشواس رکندينءَ تہ ايشور جي مهانتا ڏسندينءَ؟“


جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.


۽ ايشور جي وچن تي ذرو بہ شڪ نہ ڪيائين. اٽلندو هو وشواس ۾ وڌيڪ پڪو ٿي ايشور جي مهما ڪندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ