Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:44 - Hindu Sindhi Bible

44 اها ناري يسوع جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 سا پٺيانئس آئي، ۽ اچي سندس ڪپڙي جي پلوَ کي هٿ لاتائين، ۽ اُنهي دم هن جو رت پوڻ بند ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

44 اها عورت عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتائين تہ انهيءَ گھڙيءَ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

44 उन पोयां खां अची करे येशुअ जे कपड़न जे किनारे खे हथ लगा॒यईं ऐं ओढी॒ मलई उन जो रत वहण बंद थी वयो।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

44 اھا عيسيٰ جي پٺيان آئي ۽ اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي ھٿ لاتائين تہ انھيءَ گھڙيءَ ھن جو رت وھڻ بند ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:44
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کي انهن تي ديا اچي ويئي، سو سندن اکين تي هٿ لاتائين تہ اهي هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳا. پوءِ اهي بہ سندس پٺيان هلڻ لڳا.


تنهن تي يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو تہ تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم هن جو ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.


هلندي هلندي هڪڙي ناري، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو تنهن يسوع جي پٺيان اچي سندس ڪپڙن جي پلوَ کي هٿ لاتو.


يسوع ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن ۾ جتي بہ ويو پئي تہ اتي ماڻهن پنهنجا بيمار چونڪن ۾ آڻي ٿي رکيا ۽ کيس منٿ ٿي ڪيائون تہ ”مهرباني ڪري بيمار کي رڳو پنهنجي دامن کي ئي هٿ لائڻ ڏيو.“ پوءِ جن بہ هٿ لاتس پئي سي سڀ چڱا ڀلا ٿي پئي ويا.


تڏهن يسوع مٿس پنهنجا هٿ رکيا تہ هوءَ هڪدم سنئين سڌي ٿي بيٺي ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳي.


هوءَ يسوع جي پيرن وٽ بيهي روئڻ لڳي ۽ پنهنجي ڳوڙهن سان يسوع جا پير آلا ڪيائين. پوءِ پنهنجي وارن سان انهن کي اُگھي چميون ڏيندي ۽ انهن تي عطر مکيندي رهي.


انهن ۾ هڪڙي اهڙي ناري بہ هئي، جنهن کي ٻارهن سالن کان رت پيو ايندو هو. هن پنهنجي سڄي ميڙي چونڊي حڪيمن پٺيان وڃائي ڇڏي هئي، پر ڪوبہ ڇٽائي نہ سگھيو هئس.


تڏهن يسوع پڇيو تہ ”مون کي ڪنهن هٿ لاتو؟“ تنهن تي سڀيئي انڪار ڪرڻ لڳا. پر پطرس چيس تہ ”گرو! ماڻهن جي ڳاهٽ ٿيڻ ڪري هو اوهان مٿان ڪرن ٿا پيا.“


جيڪو ماڻهو چڱو ڀلو ٿيو هو تنهن کي اها سڌ ڪانہ هئي تہ اهو ڪير هو، ڇاڪاڻ تہ گھڻي گوڙ هئڻ ڪري يسوع اتان کسڪي هليو ويو هو.


ايتري قدر جو جيڪڏهن رومال يا ڪوبہ ڪپڙو پولس جي شرير کي ڇهي کڻي وڃي بيمارن کي لائيندا هئا تہ انهن کي بيماري ڇڏي ويندي هئي ۽ ڀوتن ورتل ماڻهن مان ڀوت نڪري ويندا هئا.


سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ