Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:3 - Hindu Sindhi Bible

3 يوعانا، جيڪا راجا هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي پتني هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ناريون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان يسوع ۽ سندس ٻارهن چيلن جي سيوا پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هيروديس جي ديوان، خوزيءَ جي زال يونانہ، ۽ سوسنا، ۽ ٻيون بہ ڪيتريون هيون، جن پنهنجي مال سان سندس خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 يوعانا، جيڪا بادشاهہ هيروديس انتپاس جي صلاحڪار خوزا جي زال هئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون هيون جن پنهنجي مال‌متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارهن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

3 ऐं योअन्ना जेकी हेरोदअ जे भण्डारी खूज़ा जी ज़ालअ हुई ऐं सूसन्नाह ऐं घणहीं बि॒यूं बी स्त्रीयूं हुन सां गड॒ हुयूं। इहे येशु ऐं हुन जे चेलन जी पांजन पैसन जे द्वारा सेवा कंदियूं हुयूं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 يوعانا، جيڪا ھيروديس جي صلاحڪار خوزا جي زال ھئي، سوسنا ۽ ٻيون بہ ڪيتريون عورتون ھيون جن پنھنجي مال⁠متاع سان عيسيٰ ۽ سندس ٻارھن شاگردن جي خدمت پئي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:3
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ڏينهن ۾ گليل صوبي جي حڪمران هيروديس انتپاس جڏهن يسوع جي هاڪ ٻڌي،


ڪجھہ وقت اڳ هيروديس پنهنجي ڀاءُ فلپس جي پتني هيرودياس جي چوڻ تي يوحنا جي گرفتاريءَ جو حڪم ڏنو هو ۽ کيس ٻڌرائي جيل ۾ وڌو هئائين.


پوءِ هيئن ٿيو هو جو جڏهن هيروديس جي جنم جو ڏينهن آيو تڏهن هيرودياس جي ڌيءَ ماڻهن جي وچ ۾ بيهي ناچ ڪيو. هيروديس ايترو تہ خوش ٿيو


هو گھر ۾ گھڙي ويا ۽ ٻار کي سندس ماتا مريم سميت ڏٺائون ۽ گوڏا کوڙي سندس اڳيان سيس نوايائون. پوءِ انهن پنهنجيون ڳوٿريون کولي کيس سوکڙيون پيش ڪيون جيڪي سون، لوبان ۽ مُرَ هيون.


جڏهن سانجھي ٿي تہ مالڪ پنهنجي منشيءَ کي چيو تہ ’مزدورن کي سڏي کين مزدوري ڏي. پهريائين انهن کي ڏيڻ شروع ڪر جيڪي پڇاڙيءَ ۾ ڪم تي بيٺا هئا ۽ پڇاڙيءَ ۾ انهن کي ڏي جيڪي پهريائين ڪم تي بيٺل هئا.‘


راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


ڇاڪاڻ تہ غريب تہ اوهان وٽ هميشہ آهن پر آءٌ اوهان سان هميشہ نہ هوندس.


اتي ڪيتريون ئي ناريون بہ هيون، جيڪي گليل علائقي کان يسوع جي سيوا ڪنديون ساڻس گڏجي آيون هيون، سي پڻ پري کان ڏسي رهيون هيون.


جن نارين انهن سان اهي ڳالهيون ڪيون، سي هي هيون: مريم مگدليني، يوعانا، يعقوب جي ماتا مريم ۽ ٻيون جيڪي ساڻن گڏ هيون.


هن اها ڳالهہ غريبن جي همدرديءَ لاءِ نہ چئي، پر هو پاڻ بي‌ايمان هو ۽ انهيءَ لاءِ چيائين تہ هو انهن پئسن مان بہ ڪجھہ چورائي ها، ڇاڪاڻ تہ پئسن جي ڳوٿري وٽس هوندي هئي.


انطاڪيا جي وشواسي منڊليءَ ۾ ايشور جو سنديش ڏيندڙن ۽ سکيا ڏيندڙن مان ڪي هي هئا: برنباس، شمعون جنهن کي ڪارو سڏيندا هئا، لوڪيس ڪريني، مناهيم جيڪو راجا هيروديس انتپاس جو ننڍپڻ جو دوست هو ۽ سائول.


ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


مسيح ۾ سمورا چونڊي پوِتر ڪيل، خاص ڪري اهي جيڪي قيصر جي محل ۾ آهن، اوهان کي نمسڪار ٿا چون.


اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن جي سيوا ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ