Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:28 - Hindu Sindhi Bible

28 هن جڏهن يسوع کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ جڏهن يسوع کي ڏٺائين، تڏهن کيس پيرين پئي وڏي سڏ رڙ ڪري چيائين، تہ اي يسوع، خدا تعاليٰ جا فرزند، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ آئون توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 هن جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو تڏهن رڙيون ڪندي سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ وڏي واڪي چوڻ لڳس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

28 उहो येशुअ खे डि॒सी करे रड़यूं करण लगो॒ ऐं पांजे घोड॒न ते अची हुन जे पेरन ते किरी पयो ऐं वडे॒ आवाज़अ सां संदस खे चयईं, “हे परमप्रधान परमेश्वरअ जा पुटअ येशु! मुसां तूं छा तो करण चाहीं? मां तोखे मिंथूं तो कयां मुखे तकलीफअ न डे॒।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 جڏھن عيسيٰ کي ڏٺائين تڏھن رڙ ڪري سندس پيرن تي ڪري پيو ۽ واڪو ڪري چيائينس تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! مون سان تنھنجو ڪھڙو واسطو؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي عذاب نہ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:28
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع کي ڏسڻ سان هو رڙ ڪري چوڻ لڳا تہ ”اي ايشور جا پٽ! تنهنجو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ڇا تون وقت کان اڳي اسان کي عذاب ڏيڻ آيو آهين؟“


جڏهن يسوع سڪيءَ تي آيو تہ کيس شهر جو هڪڙو ماڻهو مليو، جنهن ۾ ڀوت هئا. هو ڪيترن ڏينهن کان نہ ڪپڙا پائيندو هو، نڪي گھر ۾ رهندو هو، پر قبرستان ۾ گذاريندو هو.


هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو يسوع انهيءَ ڀوت کي حڪم ڪيو هو تہ ”هن ماڻهوءَ مان نڪري وڃ.“ اهو ڀوت اڪثر انهيءَ کي وٺندو هو ۽ ماڻهو کيس زنجيرن ۽ ڪڙن سان ٻڌي مٿس نظر رکندا هئا، پر هو زنجيرن کي ٽوڙي وجھندو هو ۽ ڀوت کيس رڻ‌پٽ ۾ گهليندو وتندو هو.


تون چوين ٿو تہ ’آءٌ وشواس ٿو رکان تہ ايشور هڪڙو آهي.‘ ٺيڪ آهي. اها ڳالهہ تہ بريون آتمائون بہ مڃين ٿيون ۽ اهي ڏڪن بہ ٿيون.“


انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ ايشور انهن دوتن کي بہ نہ بخشيو جن پاپ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.


جيڪو پاپ ڪري ٿو سو شيطان جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان شروع کان وٺي پاپ ڪندو ٿو اچي. ايشور جو پٽ انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


پوءِ شيطان جنهن کين دوکو ڏنو هو، سو باهہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو، جتي پهرئين حيوان ۽ ڪوڙو سنديش ڏيندڙ ٻئي حيوان کي اڇلايو ويو هو. اهي رات ڏينهن اتي هميشہ هميشہ تائين ايذاءَ پيا سهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ