Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 8:25 - Hindu Sindhi Bible

25 تڏهن يسوع چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو وشواس ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي چيلا ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ اُنهن کي چيائين تہ اوهان جو ايمان ڪيڏانهن ويو؟ ۽ اُهي ڊڄي ويا، ۽ عجب ۾ پئجي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ ڪير آهي، جو واءُ ۽ پاڻيءَ کي بہ حڪم ٿو ڪري ۽ اُهي مڃينس ٿا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تڏهن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوهان جو ايمان ڪٿي آهي؟“ اهو ڏسي سڀيئي شاگرد ڏاڍو ڊڄي ويا ۽ عجب وچان هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”هي ڪير آهي جو هوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اهي بہ کيس مڃن ٿا!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 इन ते येशुअ उनन खे चयो, “केडा॒ं वयो तवां जो विश्वास?” परअ उहे डा॒ढो ड॒की वया ऐं पाण में हिकअ बे॒ खे ताजुब करे चवण लगा॒, “हे केर आहे के तूफान ऐं पाणी बी हुन जो हुकुम ता मञन?”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 تڏھن عيسيٰ شاگردن کي چيو تہ ”اوھان جو ايمان ڪٿي آھي؟“ تنھن تي اھي ڊڄي ويا ۽ عجب وچان ھڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”ھي ڪير آھي جو ھوا ۽ پاڻيءَ کي حڪم ٿو ڪري تہ اھي بہ کيس مڃن ٿا!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 8:25
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يسوع هڪدم هٿ ڊگھيري جھلي ورتس ۽ چيائينس تہ ”تو شڪ ڇو ڪيو؟ تنهنجو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.“


يسوع وراڻين تہ ”اوهين اهو ڀوت انهيءَ ڪري نہ ڪڍي سگھيا جو اوهان ۾ ايترو وشواس ڪونہ هو. آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان ۾ سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس هوندو تہ اوهين هن جبل کي چئي سگھو ٿا تہ ’هتان هلي هُتي وڃ‘ تہ هو ويندو. اوهان لاءِ ڪابہ شيءِ اڻ‌ٿيڻي نہ آهي.“


ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو، تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي!


يسوع اهو ٻڌي هن تي عجب کائڻ لڳو ۽ جيڪي ماڻهو سندس پٺيان پئي آيا تن کي چوڻ لڳو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هن جهڙو وشواس مون کي بني اسرائيل قوم جي ڪنهن بہ شخص ۾ نظر نہ آيو.


تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو وشواس ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن شام جو يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”هلو تہ ڍنڍ جي هُن ڀر هلون.“


ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي.


تڏهن انهن يسوع کي جاڳائيندي چيو تہ ”گرو! اي گرو! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.


پوءِ اهي گراسينين جي علائقي ۾ وڃي پهتا جيڪو گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر تي آهي.


يسوع هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون وشواس رکندينءَ تہ ايشور جي مهانتا ڏسندينءَ؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ