Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:6 - Hindu Sindhi Bible

6 تڏهن يسوع انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سوامي! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 يسوع ساڻن گڏجي ويو، پر جڏهن گهر جي ويجهو آيو، تڏهن صوبيدار پنهنجن دوستن هٿان چوائي موڪليس، تہ اي خداوند، تڪليف نہ ڪر، ڇاڪاڻ تہ آئون انهيءَ لائق نہ آهيان جو تون منهنجي پَکي هيٺ اچين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 تڏهن عيسيٰ انهن ماڻهن سان گڏجي هليو. اڃا هو صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پهتو تہ صوبيدار کيس پنهنجي ماڻهن هٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهين منهنجي گھر اچو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

6 येशु उनन सां गड॒ वयो ऐं जड॒ऐं उहो उन जे घरअ जे वेझो ही हो, त उन सूबेदारअ पांजे कुछ दोस्तन जे हथां चवाए मोकलियईंस, “हे प्रभु, तकलीफअ न खण, छोके मां इन लायक कोन आयां के तूं मुंजे घर अचीं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 عيسيٰ انھن ماڻھن سان گڏجي ھليو. اڃا صوبيدار جي گھر جي ويجھو ئي مس پھتو تہ ھن کيس پنھنجن ماڻھن ھٿان چوائي موڪليو تہ ”اي سائين! تڪليف نہ ڪريو، آءٌ انھن ڳُڻن لائق نہ آھيان جو اوھين منھنجي جھوپڙيءَ ۾ اچو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:6
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ساڳيءَ طرح منش‌پتر بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس سيوا ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي سيوا ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“


آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان پاپن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پوِتر آتما ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو شڪتيءَ وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان.


تنهن تي يسوع ان سان گڏجي هليو تہ هڪڙو وڏو ميڙ سندس پٺيان هلڻ لڳو. ماڻهو ايترا تہ گھڻا هئا جو يسوع تي ڳاهٽ پئي ٿيا.


جڏهن شمعون پطرس هي واقعو ٿيندي ڏٺو تہ يسوع جي پيرن تي ڪري پيو ۽ چيائينس تہ ”اي پرڀو! مون وٽان هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پاپي آهيان.“


اهي يسوع وٽ آيا ۽ صوبيدار جي مدد لاءِ ڏاڍيون منٿون ڪندي چيائونس تہ ”اهو ماڻهو انهيءَ لائق آهي جو اوهين مٿس هي احسان ڪريو.


هو اسان جي قوم سان گھڻو پيار ڪري ٿو ۽ اسان لاءِ ڀڳتيءَ واري جاءِ بہ هن ئي ٺهرائي آهي.“


نڪي مون پاڻ کي انهيءَ لائق سمجھيو جو اوهان وٽ اچان. پر اوهين اُتان ئي رڳو حڪم ڪندا تہ منهنجو نوڪر ڇٽي چڱو ڀلو ٿيندو.


اڃا هن ڳالهايو ئي بيٺي تہ ڀڳتيءَ واري جاءِ جي انهيءَ اڳواڻ يائرس جي گھر کان ڪنهن اچي کيس چيو تہ ”تنهنجي ڌيءَ مري ويئي. هاڻي گروءَ کي تڪليف نہ ڏي.“


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


پرميشور جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سربلند ڪندو.


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ ايشور اسان تي ڪرپا ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پوِتر شاستر چوي ٿو تہ ”ايشور مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي ڪرپا ٿو ڪري.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ