Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 7:34 - Hindu Sindhi Bible

34 پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو ساٿي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ابن آدم کائيندو پيئندو آيو آهي، ۽ اوهين چئو ٿا تہ ڏسو، پيٽير ۽ شرابي، محصولي ٺيڪيدارن ۽ گنهگارن جو دوست!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 پر ابنِ آدم کائيندو پيئندو ٿو رهي تڏهن بہ اوهين چئو ٿا تہ ’ڏسو، هي پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي گنهگارن جو ساٿي آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

34 मांणूअ जो पुट आयो। जेको साधारण मांणूअ वांगुर खाए-पीए प्यो तो, परअ तवां हुन जे बारे में चओ ता, ‘डि॒सो, हे त पेटू ऐं पीयक्‍कड़ आहे ऐं महसूल उगा॒ड़ींदड़अ ऐं पापिन जो दोस्त बी आहे।’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 پر ابن⁠آدم کائيندو پيئندو آيو آھي ۽ اوھين چئو ٿا تہ ’ڏسو، ھي پيٽو ۽ شرابي آھي ۽ محصول اڳاڙيندڙن ۽ گنھگارن جو ساٿي آھي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 7:34
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر منش‌پتر کائيندو پيئندو ٿو رهي، تڏهن بہ ماڻهو چون ٿا تہ ’ڏسو، هو پيٽو ۽ شرابي آهي ۽ ٽيڪس اُڳاڙيندڙن توڙي پاپين جو دوست آهي.‘ پر ياد رکو، ڪمن جي ڦل مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“


جيڪڏهن اوهين رڳو انهن سان پيار ڪريو ٿا جيڪي اوهان سان پيار ڪن ٿا تہ اوهان کي ڪهڙو لاڀ ملندو؟ ٽيڪس اُڳاڙيندڙ بہ تہ ائين ئي ڪن ٿا.


فريسين اهو ڏسي يسوع جي چيلن کي چيو تہ ”اوهان جو گرو ٽيڪس اُڳاڙيندڙن ۽ پاپين سان گڏ ڇو ٿو کائي پيئي؟“


يسوع جڏهن ڳالهائي بس ڪئي تہ هڪڙي فريسيءَ اچي پاڻ سان رسوئي کائڻ جي دعوت ڏنس. سو هو اندر ويو ۽ ويهي رسوئي کائڻ لڳو.


هڪ دفعي يسوع سبت جي ڏينهن تي فريسين جي اڳواڻن مان هڪڙي جي گھر رسوئي کائڻ ويو تہ هر ڪو کيس تاڙڻ لڳو.


تڏهن فريسي ۽ نيم شاستري پاڻ ۾ سُس پُس ڪرڻ لڳا تہ ”ڏسو، هي تہ پاپين جي بہ آجيان ٿو ڪري ۽ ساڻن گڏ ٿو کائي!“


اهو ڏسي سڀيئي ڪُرڪندي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، هو هڪڙي پاپيءَ جي گھر رهيو آهي.“


پوءِ لاويءَ پنهنجي گھر ۾ يسوع جي مان ۾ وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ وڏو تعداد ٽيڪس اُڳاڙيندڙن جو هو ۽ ٻيا بہ ماڻهو انهن سان گڏ ويٺا هئا.


ساڳيءَ طرح جڏهن يوحنا بپتسما ڏيڻ واري وِرت جي ڪري اڪثر نہ روٽي ٿي کاڌي، نڪي وري مئي ٿي پيتي، تڏهن اوهان چيو ٿي تہ ’هن ۾ ڀوت آهي.‘


پر ياد رکو، سياڻپ سان هلندڙن جي ڪمن مان ئي ايشور جي ڏاهپ سچي ثابت ٿئي ٿي.“


هڪڙي ڏينهن ڪنهن فريسيءَ يسوع کي وينتي ڪئي تہ ”مون وٽ هلي رسوئي کائو.“ تڏهن هو سندس گھر ويو ۽ کائڻ ويٺو.


اتي يسوع لاءِ رات جي رسوئي تيار ڪئي ويئي. مارٿا سيوا پئي ڪئي، جڏهن تہ لعزر يسوع ۽ ٻين مهمانن سان گڏ رسوئي کائڻ لاءِ ويٺو هو.


يسوع ۽ سندس چيلا بہ انهيءَ شاديءَ جي دعوت ۾ موجود هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ