Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:42 - Hindu Sindhi Bible

42 اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي پاکنڊيو! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

42 يا ڪيئن تون پنهنجي ڀاءُ کي چوندين، تہ ادا، مون کي تنهنجي اک مان ڪٽر ڪڍڻ ڏي، جڏهن تنهنجي اک ۾ جو شهتير پيو آهي سو نٿو ڏسين؟ اي رياڪار، پهريائين تون پنهنجي اک مان شهتير ڪڍ، تہ پوءِ پنهنجي ڀاءُ جي اک جو ڪٽر صاف ڏسي ڪڍي سگهندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

42 اوهين ڪيئن ان کي چوندا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، تنهن کي نہ ٿا ڏسو. اي رياڪارؤ! پهريائين اوهين پنهنجي اک مان شهتير ڪڍو، تڏهن اوهين پنهنجي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ڪڍي سگھندا.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

42 तूं कीअं पांजे भा खे चई सग॒ंदो आईं, “हे भा, अच मां तुंजी अख मां कख़ कढां”? जड॒ऐं तुंजे पांजे अख में पाटिये जेड़ी वडी॒ शए पई आहे, हे पाखंडी, पहेरयों पांजी अख मां पाटिये जेड़ी वडी॒ शए खे कढ, त तूं सुठी तरां डि॒सी करे पांजे भा जी अख मां कख़ खे कढी सग॒ंदे।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

42 تون ڪيئن ان کي چوندين تہ ’مون کي پنھنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏھن تہ پنھنجي اک ۾ شھتير پيل اٿيئي، سو بہ نہ ٿو ڏسي سگھين؟ اي رياڪار! پھريائين تون پنھنجيءَ اک مان شھتير ڪڍ، تڏھن تون ڪنھن ٻئي جي اک جو ڪک چڱيءَ طرح ڏسي ۽ ڪڍي سگھندين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:42
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پطرس کي يسوع جي چيل ڳالهہ ياد اچي ويئي تہ ”ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳ ۾ تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“ پوءِ تہ پطرس ٻاهر وڃي زاروزار روئڻ لڳو.


اوهين ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڇو ٿا ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو خيال ڇو نہ ٿا ڪريو؟


اوهين ڪيئن ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’پنهنجي اک مان ڪک ڪڍڻ ڏي،‘ جڏهن تہ اوهان جي اک ۾ شهتير پيل آهي.


پرڀوءَ وراڻي ڏيندي چيو تہ ”اي پاکنڊيؤ! سبت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجي ڏاند يا گڏهہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آهي ڇا؟


پر مون تو لاءِ پرارٿنا ڪئي آهي تہ شل تنهنجي وشواس ۾ لوڏو نہ اچي. جڏهن تون مون ڏانهن موٽي اچين تہ پنهنجي ڀائرن جي مدد ڪج.“


ڇو ٿا ڪنهن وشواسي ڀاءُ ڀيڻ جي اک جو ڪک ڏسو ۽ پنهنجي اک ۾ جيڪو شهتير پيل اٿوَ، ان جو اوهان کي ڪوبہ خيال نہ آهي؟


”ڪوبہ سٺو وڻ خراب ميوو نہ ٿو ڏئي ۽ نہ وري ڪو خراب وڻ سٺو ميوو ڏئي ٿو.


۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون پرميشور جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


تنهن تي پطرس کين چيو تہ ”توبهہ ڪريو ۽ اوهان مان هر ڪو پنهنجي پاپن جي معافيءَ لاءِ يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما وٺي. تڏهن اوهان کي ايشور جي بخشش يعني پوِتر آتما بخشي ويندي.


هن ڪم ۾ تنهنجو اسان سان ڪوبہ واسطو يا حصو نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي دل اڃا ايشور ڏانهن صاف نہ ٿي آهي.


هاڻ اي انسان! تون جيڪو ٻين جا عيب ٿو اُگھاڙين، پوءِ تون کڻي ڪير بہ هجين تو کي انهيءَ جو ڪوبہ حق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ جن ڪمن جو الزام تون ٻين تي ٿو هڻين، سي ڪم تہ تون خود ڪري پاڻ کي ڏوهاري ٿو قرار ڏئين.


هي سڀ ڪجھہ ايشور جي طرفان آهي، جنهن مسيح جي وسيلي اسان جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرايو ۽ اسان جي حوالي اها سيوا ڪيائين تہ ٻين جو ساڻس ميل ميلاپ ڪرايون.


اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پوِتر ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو.


پر جنهن ماڻهوءَ ۾ اهي خوبيون نہ آهن، سو گھٽ نظر وارو بلڪ انڌو آهي. هو پنهنجي اڳوڻن پاپن کان ڌوپجي صاف ٿيڻ واري ڳالهہ کي وساري ويٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ