Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 6:35 - Hindu Sindhi Bible

35 پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو لاڀ ملندو ۽ اوهين مهان ايشور جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ ڪرپالو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 پر اوهين پنهنجن دشمنن کي پيار ڪريو، ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو، اُڌارو ڏيو ۽ نااُميد نہ ٿيو، تہ اوهان جو اجر وڏو ٿيندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا فرزند ٿيندا: ڇوتہ هو بي شڪرن ۽ برن تي مهربان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

35 परअ तवां पांजे दुश्मनन सां प्यार कयो, उनन सां भलाई कयो ऐं वापस पाएण जी उम्मीदअ सां ओधर न डि॒यो; तड॒ऐं तवां खे परमेश्वरअ जे तरफां वडो॒ ईनाम मिलंदो ऐं तवां परमप्रधान परमेश्वरअ जी संतान थींदव, छोके परमेश्वर उनन जे मथां बी दया तो करे जेके बेशुक्रा आइन ऐं बुराई ता कन।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 پر اوھين پنھنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ توھان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوھين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇالاءِ⁠جو ھو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مھربان آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 6:35
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي جيڪي ماڻهن ۾ صلح ڪرائين ٿا، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي پنهنجا ٻار سڏيندو.


۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي يسوع، مهان ايشور جا پٽ! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي وينتي ٿو ڪريان تہ ايشور جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“


هو وڏي مهانتا وارو ٿيندو ۽ مهان ايشور جو پٽ ڪري سڏبو. پرڀو پرميشور هن کي سندس ڏاڏي دائود جو تخت بخشيندو.


تنهنڪري ڪرپالو ٿيو، جيئن اوهان جو آڪاشي پتا ڪرپالو آهي.“


جيڪڏهن اوهين هڪٻئي سان پيار ڪندا تہ پوءِ هر ڪو ڄاڻي وٺندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو.“


اوهان جي گھڻي ميوي جھلڻ مان ثابت ٿيندو تہ اوهين منهنجا چيلا آهيو ۽ انهيءَ ڳالهہ مان منهنجي پتا جي جوت ظاهر ٿئي ٿي.


تنهن هوندي بہ هن هميشہ چڱا ڪم ڪري پنهنجي وجود کي ظاهر ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ هن مينهن وسائي اوهان کي ڀلا فصل بخشيا آهن، جھجھي خوراڪ ڏني آهي ۽ اوهان جي دلين کي خوشيءَ سان ڀريو آهي.“


ڏسو، اسان جي پرڀو يسوع مسيح اوهان سان ڪيڏي نہ سخاوت ڪئي آهي جو جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تڏهن بہ اوهان جي خاطر غريب بڻيو، تہ جيئن سندس غريب ٿي وڃڻ جي ڪري اوهين دولتمند ٿي وڃو. اهو تہ اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا.


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو مطلبي، پئسي جا پوجاري، ٻٽاڪي، مغرور، ايشور جي نندا ڪندڙ، ماتا پتا جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ ايشور جي ڳالهين کي ڌڪاريندڙ هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ