Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 5:24 - Hindu Sindhi Bible

24 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 پر هن لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ ابن آدم کي زمين تي گناهن معاف ڪرڻ جي اختياري آهي، (اڌرنگيءَ کي چيائين) تہ آئون توکي چوان ٿو تہ اُٿ، ۽ پنهنجو کٽولو کڻي گهر وڃ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ ابنِ آدم کي زمين تي گناهہ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو هن اڌرنگي ماڻهوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

24 परअ मां तवां खे इयो इन जे करे चयो, ताकि तवां खे खबरअ पए के मांणूअ जे पुटअ खे धरतीअ ते पापअ माफ़ करण जो बी अधिकार आहे।” येशुअ लकवे जे रोगी॒अ खे चयईंस, “मां तोखे चवां तो त, उथ ऐं पांजी खटअ खणी करे घर हल्यो वञ।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

24 پر آءٌ اوھان تي ثابت ڪندس تہ ابن⁠آدم کي دنيا ۾ گناھہ بخشڻ جي اختياري مليل آھي.“ سو ھن اڌرنگي ماڻھوءَ کي چيو تہ ”آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ، پنھنجو کٽولو کڻ ۽ گھر ھليو وڃ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 5:24
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يسوع قيصريہ فلپي شهر واري علائقي ۾ پهتو تڏهن پنهنجي چيلن کان پڇيائين تہ ”ماڻهو منش‌پتر بابت ڇا ٿا چون تہ هو ڪير آهي؟“


”جڏهن منش‌پتر پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ دوت ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو راجا جي حيثيت سان پنهنجي تيج واري تخت تي ويهندو


تنهن تي يسوع وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين منش‌پتر کي سروِشڪتيوان جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آڪاش وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


يسوع چيلن جي ويجھو اچي کين چوڻ لڳو تہ ”مون کي ڌرتيءَ ۽ آڪاش تي پورو اختيار ڏنو ويو آهي.


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


پر آءٌ اوهان تي ثابت ڪندس تہ منش‌پتر کي ڌرتيءَ تي ماڻهن جا پاپ معاف ڪرڻ جي اختياري مليل آهي.“ سو اڌرنگي واري ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”اُٿ، پنهنجو کٽولو کڻ ۽ گھر هليو وڃ.“


سو يسوع پنهنجو هٿ انهيءَ ماڻهوءَ تي رکندي کيس چيو تہ ”آءٌ چاهيان ٿو. تون ڇٽي پوِتر ٿيءُ.“ تڏهن هڪدم سندس ڪوڙهہ جهڙو مرض لهي ويو.


سو ڪي ماڻهو هڪ اڌرنگي ماڻهوءَ کي کٽولي تي کڻي آيا ۽ ڪوشش پئي ڪيائون تہ هن کي گھر جي اندر کڻي اچي يسوع جي اڳيان رکن.


ڇا هي سولو آهي جو هن ماڻهوءَ کي چئجي تہ ’تنهنجا پاپ تو کي معاف ڪيا ويا،‘ يا اهو جو کيس چئجي تہ ’اُٿ ۽ گھم ڦر‘؟


پوءِ پاڻ ويجھو اچي ارٿيءَ تي هٿ رکي ڪانڌين کي بيهاريائين ۽ مري ويل کي فرمايائين تہ ”اي جوان! آءٌ تو کي چوان ٿو تہ اُٿ.“


پوءِ يسوع ڪنيا جو هٿ جھلي کيس سڏي چيو تہ ”اي ڪنيا! اُٿ.“


ائين چوڻ کان پوءِ يسوع وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“


تو ئي کيس سڀني انسانن تي اختيار ڏنو آهي تہ جيئن هو هر انهيءَ کي امر جيون بخشي جيڪو تو کيس ڏنو آهي.


ڪوبہ آڪاش ڏانهن مٿي چڙهي نہ ويو آهي. رڳو هڪڙو ئي آهي جيڪو آڪاش مان آيو آهي، يعني منش‌پتر.


هن کيس اها اختياري بہ ڏني آهي تہ هو سنسار جو فيصلو ڪري، ڇاڪاڻ تہ هو منش‌پتر آهي.


سو کيس وڏي آواز سان چيائين تہ ”پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ.“ هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ لڳو.


نہ رڳو ايترو پر ايشور کيس مالڪ ۽ مڪتي ڏيندڙ بڻائي پنهنجي ساڄي پاسي ڏانهن سربلند ڪيو، تہ جيئن بني اسرائيل کي توبهہ ڪرڻ جي همت ڏئي ۽ سندن پاپ بخشي ڇڏي.


پطرس هن کي چيو تہ ”اي اينياس! يسوع مسيح تو کي ڇٽائي چڱو ڀلو ٿو ڪري. سو اُٿ ۽ پنهنجو هنڌ ويڙهہ.“ هو هڪدم اُٿي کڙو ٿيو.


پطرس انهن سڀني کي ٻاهر موڪليو ۽ پاڻ گوڏن ڀر ويهي پرارٿنا ڪيائين. پوءِ سندس لاش ڏانهن منهن ڪري چيائين تہ ”اي طبيٿا! اُٿ.“ تنهن تي هن اکيون کوليون ۽ پطرس کي ڏسي اُٿي ويٺي.


انهن شمعدانن جي وچ ۾ مون انساني شڪل جهڙو هڪڙو شخص ڏٺو، جنهن کي پيرن تائين هڪ ڊگھو جبو پهريل هو ۽ ڇاتيءَ تي سونهري رنگ جو هڪڙو سينابند ٻڌل هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ