Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:43 - Hindu Sindhi Bible

43 پر هن انهن کي چيو تہ ”مون کي ايشور جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ٻين شهرن ۾ بہ ڪرڻو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 پر هن چين تہ مون کي ٻين شهرن ۾ بہ خدا جي بادشاهت جي خوشخبري ٻڌائڻي آهي، ڇو جو آئون انهي لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 پر هن انهن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاهيءَ بابت خوشخبريءَ جي منادي ٻين شهرن ۾ بہ ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ انهيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

43 परअ येशुअ उनन खे चयईं, “मुखे बि॒यन नगरन में बी परमेश्वरअ जे राज॒अ जी ख़ुशख़बरी बु॒धाएण ज़रूरी आहे, छो त मां इनलाए ही मोकल्यो वयो आयां।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 پر ھن انھن کي چيو تہ ”مون کي خدا جي بادشاھت جي خوشخبريءَ جي منادي ٻين شھرن ۾ بہ ڪرڻي آھي. ڇالاءِ⁠جو آءٌ انھيءَ لاءِ ئي تہ موڪليو ويو آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:43
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع گليل جي سڄي علائقي ۾ گھمندو رهيو ۽ اتي جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ سکيا ڏيندو، آڪاش جي راڄ بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪندو ۽ ماڻهن کي سڀني قسمن جي مرضن ۽ بيمارين کان ڇٽائيندو رهيو.


صبح جو سوير بلڪل اوندهہ ۾ ئي يسوع اُٿي ٻاهر نڪري ويو ۽ هڪڙي نويڪلي جاءِ تي وڃي پرارٿنا ڪيائين.


تڏهن يسوع وري چين تہ ”اوهان تي شانتي هجي. جيئن پتا مون کي موڪليو آهي، تيئن آءٌ بہ اوهان کي موڪليان ٿو.“


ضروري آهي تہ جيستائين ڏينهن آهي تيستائين اسين انهيءَ جا ڪم ڪريون، جنهن مون کي موڪليو آهي. پر جڏهن رات ايندي تڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪم ڪري نہ سگھندو.


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


تون مسيح بابت سنديش جو پرچار ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري ڌيرج سان ماڻهن کي سکيا ڏيندي کين سمجھاءِ، ڇينڀ ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ