Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:35 - Hindu Sindhi Bible

35 تنهن تي يسوع کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 پوءِ يسوع دڙڪو ڏيئي چيس تہ ماٺ ڪر، ۽ هن مان نڪري اچ. تنهن تي ڀوت هن کي وچ ۾ ڪيرائي ڪنهن بہ ايذاءُ رسائڻ کانسواءِ منجهانئس نڪري آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 تنهن تي عيسيٰ کيس دڙڪو ڏيئي چيو تہ ”ماٺ ڪر، هن مان نڪري وڃ.“ تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي سڀني اڳيان هيٺ ڪيرايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ منجھانئس نڪري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

35 येशुअ दुष्‍टआत्मा खे दड़को ड॒ई चयईंस, “चुप कर ऐं इन मां निकरी वञ।” तड॒ऐं दुष्‍टआत्मा उन मांणूअ खे सबनिन जे सामूं पटअ ते किराए ऐं बिना नुकसान पहुचाए उन मां निकरी वई।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 تنھن تي عيسيٰ کيس ڇينڀي چيو تہ ”ماٺ ڪر، ھن مان نڪري وڃ.“ ڀوت ماڻھوءَ کي انھن جي اڳيان اڇلايو ۽ کيس ايذاءَ ڏيڻ کان سواءِ ٻاھر نڪري ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:35
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يسوع ڀوت کي ڇينڀيو تہ هو ڇوڪري مان نڪري ويو ۽ انهيءَ گھڙيءَ اهو چڱو ڀلو ٿي پيو.


تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”اوهين ايترا ڊنل ڇو آهيو؟ ڇا اوهان جو وشواس ايترو ئي آهي؟“ پوءِ هو اٿيو ۽ هوا ۽ ڇولين کي ڇينڀيائين تہ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


تڏهن ڀوت ماڻهوءَ کي خوب جھنجھوڙيو ۽ زور سان رڙ ڪندي هن مان نڪري ويو.


تنهن تي يسوع اٿيو ۽ واءُ کي ڇينڀيائين ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي حڪم ڪيائين تہ ”شانت ٿيو.“ تڏهن طوفان بيهجي ويو ۽ بلڪل ٺاپر ٿي ويئي.


تنهن تي ڀوت رڙيون ڪري ڇوڪري کي ڏاڍو جھنجھوڙيو ۽ منجھانئس نڪري ويو. تڏهن ڇوڪرو مُڙدي جهڙو ٿي پيو ۽ گھڻن تہ ائين پئي سمجھيو تہ هو مري ويو آهي.


پر جڏهن ان کان بہ وڌيڪ طاقتور ماڻهو حملو ڪري مٿس حاوي ٿو پوي، تڏهن کانئس هٿيار پنهوار کسي ٿو وٺي، جن تي هن کي ڀروسو هو ۽ پوءِ سندس مال ڦُري ورهائي ٿو ڇڏي.


تنهن تي يسوع انهن کي چيو تہ ”اوهين ضرور اها چوڻي مون کي چوندا تہ ’حڪيم! پاڻ کي تہ ڇٽاءِ‘ ۽ هيئن بہ چوندا تہ ’هتي پنهنجي ديس ۾ بہ ائين ئي ڪري ڏيکار جيئن ڪفرناحوم شهر بابت ٻڌون ٿا.‘


تڏهن يسوع وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي سيوا ڪرڻ لڳي.


ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت وڏي واڪي سان هي چوندي نڪري ويا تہ ”تون ايشور جو پٽ آهين،“ ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاتو پئي تہ هو مسيح آهي. پر يسوع انهن کي دڙڪو ڏيندي منع ڪئي تہ هو ائين نہ چون.


تڏهن انهن يسوع کي جاڳائيندي چيو تہ ”گرو! اي گرو! اسين تہ ٻڏڻ تي آهيون.“ تنهن تي هو اٿيو ۽ واءُ ۽ پاڻيءَ جي ڇولين کي ڇينڀيائين، جنهن تي طوفان بيهجي ويو ۽ ٺاپر ٿي ويئي.


جڏهن ڇوڪرو اڃا آيو ئي پئي تہ ڀوت کيس هيٺ ڪيرائي وڌو ۽ ڏاڍو گھُٽيائينس. پر يسوع ڀوت کي ڇينڀيو ۽ ڇوڪر کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري سندس پتا جي حوالي ڪيائين.


تنهنڪري اي آڪاشؤ ۽ آڪاشن جا رهاڪؤ! اوهين خوشيون ڪريو. پر اي ڌرتي ۽ سمنڊ! اوهان لاءِ مصيبت آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان اوهان تي اچي پيو آهي. هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ آهي ڇو جو هو ڄاڻي ٿو تہ سندس وقت باقي ٿورو وڃي بچيو آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ