Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 4:18 - Hindu Sindhi Bible

18 ”پرميشور مون کي پنهنجي آتما سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ”خداوند جو روح مون تي آهي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مون کي مسح ڪيو اٿس، ۽ مون کي موڪليو اٿس تہ قيدين کي ڇُٽڻ جي، ۽ انڌن کي سڄي ٿيڻ جي خبر ٻڌايان، ۽ جيڪي لتاڙيل آهن، تن کي آزاد ڪريان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

18 “प्रभुअ जी आत्मा मुंजे मथां आहे, छोके ग़रीबन खे ख़ुशख़बरी बु॒धाएण जे लाए हुन मुंजो अभिषेक कयो आहे ऐं मुखे इन करे मोकल्यो वयो आहे, के जेके कैदअ में आइन उनन खे रिहाई ऐं जेके अंधा आइन उनन खे दृष्‍टि पाइण जो समाचार डि॒यां ऐं जेके सतायलअ आइन उनन खे छडा॒यां,

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ”خداوند جو روح مون سان آھي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس. ھن مون کي موڪليو آھي تہ قيدين جي رھائيءَ ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان. ۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 4:18
56 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


”ڏسو، هي منهنجو داس آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.


هو ڦٿل ڪاني کي بہ ڪين ڀڃندو، ۽ نہ وري اُجھامندڙ ڏيئي کي ئي وسائيندو. ائين ئي هو ثابت قدم رهندو، ايستائين جو انصاف جي سوڀ نہ ڪرائي.


اتي جا ماڻهو جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺل هئا، تن هڪڙي وڏي روشني ڏٺي. هائو، اهي جيڪي موت واري اونداهي ملڪ ۾ ويٺا هئا، تن تي روشني ظاهر ٿي.“


”سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا نماڻا آهن، ڇاڪاڻ تہ آڪاش جو راڄ انهن جو آهي.


کيس سنديش ڏيندڙ سنت يسعياہ جو شاستر ڏنو ويو ۽ هن اهو هنڌ کوليو جتي لکيل هو تہ


يسوع پنهنجي چيلن ڏانهن نهاري چيو تہ ”سڀاڳا آهيو اوهين، جيڪي غريب آهيو، ڇاڪاڻ تہ ايشور جو راڄ اوهان جو آهي.


سو يسوع انهن کي وراڻي ڏيندي چيو تہ ”جيڪي ڪجھہ اوهان ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، سو يوحنا کي وڃي ٻڌايو تہ انڌا ڏسن ٿا، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا پيا وڃن، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا پيا وڃن ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


جلد ئي اندرياس پنهنجي ڀاءُ شمعون کي ڳولي لڌو ۽ کيس ٻڌايائين تہ ”اسان مسيح کي ڏٺو آهي.“ (مسيح جي معنيٰ ”مسح ڪري مخصوص ڪيل“ آهي).


آءٌ روشني آهيان ۽ هن سنسار ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي وشواس آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.


بيشڪ جنهن کي ايشور موڪليو آهي سو ايشور جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ايشور کيس پنهنجي آتما بي‌حساب بخشي ٿو.


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


ڌرتيءَ جا راجا اٿي کڙا ٿيا، هائو، سڀيئي حاڪم گڏ ٿي پرميشور ۽ سندس مخصوص ڪيل مسيح جي مخالفت ڪرڻ لڳا.‘


اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري پٽ جي راڄ ۾ آندو،


منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! ٻڌو، ڇا اهي ماڻهو جيڪي سنسار جي نظر ۾ غريب آهن، تن کي ايشور وشواس ۾ دولتمند ٿيڻ ۽ پنهنجي راڄ جي انهيءَ وچن ڪيل ورثي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نہ چونڊيو آهي، جيڪو هن ساڻس پريم رکندڙن سان ڪيو آهي؟


پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ