Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 3:7 - Hindu Sindhi Bible

7 ماڻهن جا جيڪي ميڙ يوحنا کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تڏهن جيڪي ماڻهن جا ميڙاڪا کانئس بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي چيائين، تہ اي نانگن جا ٻچا، ايندڙ غضب کان ڀڄڻ لاءِ ڪنهن اوهان کي چتايو آهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ماڻهن جا جيڪي ميڙ يحيٰ کان بپتسما وٺڻ پئي آيا، تن کي هن چيو پئي تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 जेकी भीड़अ यूहन्ना खां बपतिस्मा वठण जे लाए ईंदी हुई उनन खे उहो चवंदो हुयो, “हे नांगअ जा बा॒रऔ तवां खे कें चयो आहे, के परमेश्वरअ जे अचण वारे क्रोधअ खां तवां बची सगं॒दव?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 تڏھن ماڻھن جا جيڪي ميڙ کانئس بپتسما وٺڻ آيا پئي، تن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تہ اوھين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 3:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اي نانگ جا ٻچؤ! اوهين ڪيئن چڱيون ڳالهيون چئي سگھو ٿا، جڏهن تہ اوهين پاڻ بڇڙا آهيو. ڏسو، دل ديڳڙو زبان ڏوئي، جيڪي هجي اندر ٻاهر ڪڍي سو ئي.


اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين نرڳ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


انهن پنهنجا پاپ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.


اوهين پنهنجي پتا شيطان جو اولاد آهيو ۽ پنهنجي پتا جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. هو تہ شروعات کان وٺي خوني آهي ۽ ڪڏهن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو اٿائين، ڇاڪاڻ تہ هن ۾ سچ آهي ئي ڪين. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي تہ پنهنجي فطرت موجب ٿو ڳالهائي، ڇاڪاڻ تہ هو ڪوڙو آهي، بلڪ ڪوڙ جو باني آهي.


۽ چيائينس تہ ”اي شيطان جا پٽ! تون هر نيڪيءَ جو دشمن آهين ۽ هر قسم جي ٺڳيءَ ۽ بڇڙائيءَ سان ڀريل آهين. تون پرميشور جي سڌي رستي کي بگاڙي پيش ڪرڻ کان مُڙي ڇو نہ ٿو وڃين؟


۽ آڪاش مان سندس پٽ جي اچڻ جو انتظار ڪريو، جنهن کي هن مئلن مان جيوت ڪيو. اهو پٽ يسوع ئي آهي، جيڪو اسان کي ايشور جي ايندڙ ڏمر کان بچائي ٿو.


سو ايشور جو وچن ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ ايشور جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. ايشور اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي بچاءَ واسطي سندس شرڻ ۾ اچڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


جيڪو پاپ ڪري ٿو سو شيطان جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ شيطان شروع کان وٺي پاپ ڪندو ٿو اچي. ايشور جو پٽ انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن شيطان جي ڪمن کي ناس ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ