Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 3:22 - Hindu Sindhi Bible

22 ۽ پوِتر آتما ڪبوتر جي روپ ۾ مٿس اچي لٿي. تڏهن آڪاش مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي شڪل ۾ مٿس اچي لٿو، ۽ آسمان مان آواز آيو، تہ تون منهنجو پيارو فرزند آهين؛ تو مان آئون گهڻو خوش آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. تڏهن آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو فرزند آهين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 ऐं पवित्र आत्मा कबूतरअ जे रूपअ में हुन जे मथां लथो ऐं स्वर्ग॒अ मां इया परमेश्वरअ जी आवाज़ आईं, “के तूं मुंजो प्यारो पुट आईं, तोखां मां डा॒ढो ख़ुश आयां।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ۽ پاڪ روح ڪبوتر جي صورت ۾ مٿس اچي لٿو. آسمان مان آواز آيو تہ ”تون منھنجو پيارو فرزند آھين. آءٌ تو مان گھڻو خوش آھيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 3:22
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، هي منهنجو داس آهي، جنهن کي مون مخصوص ڪيو آهي. هي منهنجو پيارو آهي، ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان. آءٌ هن تي پنهنجي آتما پرگھٽ ڪندس، ۽ هي هر قوم ۾ منهنجي انصاف جو اعلان ڪندو.


اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


هو ايشور تي ڀروسو رکي ٿو. هاڻي ڏسون تہ ايشور هن کي ڪيئن ٿو بچائي، ڇاڪاڻ تہ هو چوي پيو تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان.‘“


پوءِ يسوع گليل علائقي کان اردن درياءَ تي يوحنا وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي.


سو يسوع جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آڪاش کُلي پيو ۽ ايشور جي آتما هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.


پوءِ آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو پٽ آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“


تڏهن آڪاش مان هڪ آواز آيو تہ ”تون منهنجو پيارو پٽ آهين ۽ آءٌ تو مان ڏاڍو خوش آهيان.“


انهن ڏينهن ۾ يسوع گليل جي ڳوٺ ناصرت کان يوحنا وٽ آيو ۽ يوحنا کيس اردن درياءَ ۾ بپتسما ڏني.


ايتري ۾ هڪڙي ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو هڪڙو ئي پيارو پٽ آهي. سو هن جي ڌيان سان ٻڌو.“


”آڪاش تي ايشور جي مهما هجي ۽ ڌرتيءَ تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ شانتي، جن کان هو راضي آهي.“


تڏهن هو کين چوڻ لڳو تہ ”اڄ اوهان جي ٻڌندي ئي هيءَ لکت پوري ٿي آهي.“


يوحنا شاهدي ڏيندي چيو تہ ”مون پوِتر آتما کي ڪبوتر وانگر آڪاش مان لهندي ۽ مٿس ويهندي ڏٺو آهي.


سو اي پتا! تون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪر.“ تنهن تي آڪاش مان آواز آيو تہ ”مون پنهنجي نالي جي مهانتا ظاهر ڪئي آهي ۽ وري بہ ڪندس.“


بلڪ پتا، جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن پاڻ بہ مون بابت شاهدي ڏني آهي. پر اوهان نہ تہ ڪڏهن هن جو آواز ٻڌو آهي، نڪي سندس روپ ڏٺو اٿوَ،


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


هن اسان کي اونداهيءَ جي چنبي مان ڇڏائي پنهنجي پياري پٽ جي راڄ ۾ آندو،


اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ جيوت پٿر، يعني يسوع مسيح وٽ اچو ٿا، جنهن کي ماڻهن تہ رد ڪري ڇڏيو پر ايشور ان کي قيمتي ڄاڻي مخصوص ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ