Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 23:34 - Hindu Sindhi Bible

34 يسوع چيو تہ ”اي پتا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 پوءِ يسوع چيو، تہ اي بابا، هنن کي معاف ڪر، ڇالاءِ جو خبر ئي ڪانہ ٿي پوينِ تہ ڇا ٿا ڪريون. ۽ هو سندس ڪپڙا ورهائي پُکا وجهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

34 عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! هنن کي بخش، ڇاڪاڻ تہ هي نہ ٿا ڄاڻن تہ هو ڇا ڪري رهيا آهن.“ پوءِ اهي هن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

34 [येशुअ चयो, “ हे पिता परमेश्वर, इनन खे माफ़ कर, छोके इनन खे खबरअ कोने, के हे छा करे रया आइन।”]। तड॒ऐं सैनिकन येशुअ जे कपड़न खे पाण में विराए छड॒ण जे लाए चिठियूं विधऊं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

34 عيسيٰ چيو تہ ”اي بابا! ھنن کي بخش، ڇاڪاڻ⁠تہ ھي نہ ٿا ڄاڻن تہ ھو ڇا ڪري رھيا آھن.“ اھي ھن جا ڪپڙا پاڻ ۾ ورھائڻ لاءِ پُکا وجھڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 23:34
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع ايشور کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ پرارٿنا ڪريو،


پوءِ هنن کيس سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هنيا ۽ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ پُکا وڌائون.


”اي پتا! جيڪڏهن تون چاهين تہ هي پيالو مون تان ٽاري ڇڏ. تنهن هوندي بہ منهنجي نہ، پر تنهنجي مرضي پوري ٿئي.“


آءٌ انهن لاءِ پرارٿنا ڪريان ٿو، پر سنسار سان واسطو رکندڙن لاءِ نہ. هائو، انهن ماڻهن لاءِ ئي آءٌ پرارٿنا ڪريان ٿو جيڪي تو مون کي ڏنا آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجا آهن.


يسوع وراڻيس تہ ”جيڪڏهن تو کي ايشور جي طرفان اهو اختيار مليل نہ هجي ها تہ تنهنجو ڪو زور مون تي نہ هلي ها. سو جنهن ماڻهوءَ مون کي تنهنجي حوالي ڪيو آهي سو وڌيڪ ڏوهاري آهي.“


تہ پولس زور سان رڙ ڪري چيس تہ ”پاڻ کي نہ مار! اسين سڀ هتي موجود آهيون.“


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهان ۽ اوهان جي اڳواڻن جيڪي ڪجھہ يسوع سان ڪيو، سو اڻ‌ڄاڻائيءَ جي ڪري ڪيو.


پوءِ هن گوڏا کوڙي وڏي آواز سان چيو تہ ”اي پرڀو يسوع! هنن جي هن پاپ کي نہ ليکجانءِ.“ ايترو چئي هن دم ڏنو.


جيڪي اوهان کي ستائين ٿا تن لاءِ پرارٿنا ڪريو. هائو، پرارٿنا ڪريو پر کين سراپ نہ ڏيو.


انهيءَ ڏاهپ کي هن سنسار جي حاڪمن مان ڪنهن بہ نہ سمجھيو. جيڪڏهن اهي سمجھن ها تہ جيڪر وڏي تيجوان پرڀوءَ کي ڪڏهن بہ سوليءَ تي ڪين چاڙهين ها.


اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين سندن لاءِ پرارٿنائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي يسوع مسيح جي نندا ڪندڙ ۽ سندس شان ۾ گھٽ وڌ ڳالهائيندڙ هئس ۽ وشواسين کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ ايشور مون تي ديا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو وشواس نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو ۽ گار جي بدلي گار نہ ڏيو، اٽلندو آسيس ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ايشور اوهان کي آسيس جا وارث ٿيڻ لاءِ سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ