Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 23:25 - Hindu Sindhi Bible

25 سو هن سندن مرضيءَ تي انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو، جيڪو فساد ۽ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو هو. پر يسوع کي انهن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

25 ۽ جيڪو ماڻهو فساد ۽ خون ڪري قيد ۾ پيو هو، تنهن لاءِ جو عرض ڪيو هئائونس، تنهن کي کڻي ڇڏيائين، پر يسوع کي سندن حوالي ڪيائين، تہ جيئن وڻينِ، تيئن ساڻس ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 سو هن سندن مرضيءَ تي انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو، جيڪو فساد ۽ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو هو. پر عيسيٰ کي انهن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

25 सो पिलातुसअ संदन जी इच्छा ते बरअब्बा खे जेको फ़सादअ ऐं खून करण जे करे जेलअ में हो, उन खे त रिहा करे छड॒यईं परअ उन येशुअ खे भीड़अ जी इच्छा जे मुजुब सैनिकन जे हवाले करे छड॒यईं।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

25 ھن انھيءَ ماڻھوءَ کي ڇڏي ڏنو جنھن لاءِ ھو چاھين پيا، جيڪو ھڪ فساد ۾ خون ڪرڻ ڪري جيل ۾ پيو ھو. پر عيسيٰ کي انھن جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ سپاھين جي حوالي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 23:25
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ يسوع کي ڪوڙا هڻي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


جيئن تہ پلاطس ماڻهن کي راضي رکڻ ٿي گھريو، سو هن برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ يسوع کي ڪوڙا هڻائڻ کان پوءِ سپاهين جي حوالي ڪندي چيائين تہ ”وڃي سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻوس.“


اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل راجا آهيان.‘“


تنهن تي پلاطس فيصلو ڏنو تہ ”سندن وينتي قبول پوي.“


جيئن سپاهي يسوع کي وٺي پئي ويا تہ کين شمعون نالي هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو ڪريني شهر جو رهاڪو هو ۽ ٻهراڙيءَ کان شهر ڏانهن پئي آيو، تنهن کي پڪڙي سولي کڻي مٿانئس رکيائون تہ هو اها کڻي يسوع جي پٺيان هلي.


پر انهن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يهوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي هن جاءِ تائين هي ماڻهن کي باغي ڪندو رهيو آهي.“


پر انهن وڏي واڪي چيو تہ ”نہ، انهيءَ کي نہ، پر برابا کي آزاد ڪريو.“ برابا هڪ ڌاڙيل هو.


تنهن تي پلاطس سندن مرضيءَ موجب يسوع کي سوليءَ تي چاڙهڻ لاءِ سپاهين جي حوالي ڪيو. تڏهن سپاهي يسوع کي وٺي يروشلم کان ٻاهر نڪري آيا.


هو پوِتر ۽ سچار هو، پر اوهان کيس رد ڪري هڪ خونيءَ کي آزاد ڪرڻ جي وينتي ڪئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ