Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 23:2 - Hindu Sindhi Bible

2 اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل راجا آهيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ اُهي مٿس تهمت رکي چوڻ لڳا، تہ اسان ڏٺو آهي تہ هي ماڻهو قوم کي بگاڙي ٿو، ۽ قيصر کي ڍل ڏيڻ کان منع ٿو ڪري، ۽ چوي ٿو تہ آئون پاڻ مسيح بادشاهہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

2 उते उहे येशुअ ते इंय इल्ज़ामअ हरण लगा॒, “के असां इन मांणूअ खे असां जी जातिअ खे गुमराह कंदे, रोमी महाराजा खे महसूल डि॒यण खां मना कंदे ऐं पांजे पाण खे मसीह, याने राजा चवंदे बु॒धो आहे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اتي مٿس تھمتون ھڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آھي تہ ھيءُ ماڻھو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻھن کي قيصر جي ڍل ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح بادشاھہ آھيان.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 23:2
33 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اسين هنن ٽيڪس اُڳاڙيندڙن کي ناراض ڪرڻ نہ ٿا چاهيون. تنهنڪري تون وڃي ڍنڍ ۾ ڪُنڍي وجھہ. جيڪا پهرين مڇي ڦاسي ان جي وات ۾ چانديءَ جو هڪ وڏو سڪو ڏسندين. اهو کڻي وڃي منهنجي ۽ پنهنجي پاران هنن کي هيڪل جي ٽيڪس طور ڏي.“


انهن جواب ڏنو تہ ”قيصر جو.“ تڏهن يسوع کين چيو تہ ”چڱو، جيڪو قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“


يسوع کي گورنر پلاطس جي اڳيان پيش ڪيو ويو، جنهن کانئس سوال پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“


تڏهن يسوع کين چيو تہ ”ٺيڪ آهي، جيڪي قيصر جو آهي سو قيصر کي ڏيو ۽ جيڪي ايشور جو آهي سو ايشور کي ڏيو.“ يسوع جو اهو جواب ٻڌي کين ڏاڍو عجب لڳو.


پلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو راجا آهين؟“ يسوع جواب ڏنس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ.“


کين چيائين تہ ”اوهين هن شخص تي جيڪا تهمت هڻي هِت مون وٽ وٺي آيا آهيو تہ هو قوم کي برغلائي ٿو، تنهن لاءِ مون اوهان جي اڳيان جاچي ڏٺو آهي تہ هو اهڙي ڪنهن بہ ڏوهہ جو ڏوهاري نہ آهي، جيئن اوهين چئو ٿا.


پر انهن تيئن زور ڏيندي چيو تہ ”سڄي يهوديہ ۾، بلڪ گليل کان وٺي هن جاءِ تائين هي ماڻهن کي باغي ڪندو رهيو آهي.“


سو پلاطس ٻاهر نڪري آيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”اوهين هن ماڻهوءَ تي ڪهڙي تهمت ٿا هڻو؟“


تنهن تي انهن وراڻيو تہ ”جيڪڏهن هي ڏوهاري نہ هجي ها تہ اسين کيس اوهان جي حوالي نہ ڪريون ها.“


تنهن تي پلاطس اها ڪوشش ڪرڻ لڳو تہ يسوع کي ڇڏي ڏئي، پر اهي ماڻهو واڪا ڪندا رهيا تہ ”جيڪڏهن اوهان هن ماڻهوءَ کي ڇڏي ڏنو تہ اوهين قيصر جا سڄڻ نہ آهيو. جيڪو بہ پاڻ کي راجا ٿو سڏائي سو قيصر جي خلاف آهي.“


هو جن ڳالهين جي مون تي هاڻي تهمت ٿا هڻن، تن جي اوهان جي اڳيان ڪا ثابتي بہ ڏيئي نہ ٿا سگھن.


هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. سنسار جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي ڀَٽڪيل پنٿ جو اڳواڻ آهي.


سو سڀني جو حق ادا ڪريو. جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي تنهن کي ڍل ڏيو، جنهن کي ٽيڪس ڏيڻو هجي تنهن کي ٽيڪس ڏيو، جنهن کان ڊڄڻ گھرجي تنهن کان ڊڄو ۽ جنهن کي مان‌سمان ڏيڻ گھرجي تنهن کي مان‌سمان ڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ