Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:52 - Hindu Sindhi Bible

52 هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

52 تڏهن سردار ڪاهن، ۽ هيڪل جا صوبيدار ۽ بزرگ، جي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ جيئن ڪنهن ڌاڙيل تي ڪاهي اچبو آهي، تيئن اوهين ترارن ۽ لٺين سان ڪاهي آيا آهيو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

52 هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

52 उन खां पो मुख्ययाजकअ, मंदरअ जे पहेरेदारन जा सरदारअ ऐं पुरनियां जेके येशुअ खे पकड़ण जे लाए आया हुवा, संदस उनन खे चयो, “छा तवां मुखे डाकू सम्झी करे तलवारूं ऐं लठूं खणी गिरफ़्तार करण निकता आयो?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

52 سردار ڪاھن، ھيڪل جا حوالدار ۽ بزرگ جيڪي مٿس ڪاھي آيا ھئا، تن کي عيسيٰ چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاھي آيا آھيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آھيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:52
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع اڃا ڳالهايو ئي پئي تہ سندس ٻارهن چيلن مان يهوداہ اسڪريوتيءَ نالي چيلو آيو ۽ هن سان گڏ ماڻهن جو هڪڙو وڏو ٽولو تلوارن ۽ لٺين سان هو، جنهن کي سردار ڪاهنن ۽ يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن موڪليو هو.


پوءِ يسوع انهن ماڻهن کي چيو تہ ”ڇا آءٌ ڄڻ ڪو ڌاڙيل آهيان جو اوهين تلوارون ۽ لٺيون کڻي مون کي پڪڙڻ آيا آهيو؟ هيڪل ۾ ويهي آءٌ روزانو سکيا ڏيندو هئس، پر اتي تہ اوهان مون کي ڪڏهن بہ نہ پڪڙيو.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پوِتر شاستر ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“


سو هن وڃي سردار ڪاهنن ۽ هيڪل جي حوالدارن سان صلاح ڪئي تہ ڪهڙيءَ ريت هو يسوع کي پڪڙائڻ ۾ سندن مدد ڪري.


تنهن تي يسوع چيو تہ ”بس، گھڻو ٿيو.“ پوءِ هن انهيءَ جي ڪن کي هٿ لائي ڇٽائي ڇڏيو.


آءٌ اوهان سان روزانو هيڪل ۾ گڏ هوندو هئس، پر اوهان اتي تہ مون تي هٿ بہ نہ کنيو. پر هاڻي اوهان جو وقت آهي ڇو تہ هي اونداهيءَ جو راڄ آهي.“


جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي.


سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ