Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:37 - Hindu Sindhi Bible

37 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پوِتر شاستر ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

37 ڇالاءِ جو آئون اوهان کي چوان ٿو، تہ هي جيڪي لکيل آهي تہ ”هو گنهگارن ۾ ليکيو ويو“ سو مون ۾ ضرور پورو ٿيڻو آهي: ڇالاءِ تہ جيڪي مون سان لاڳاپو ٿو رکي، سو ضرور پورو ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

37 آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پاڪ ڪلام ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

37 छोके मां तवां खे चवां तो, इयो ज़रूरी आहे के पवित्रशास्त्र जो इयो लेख मूंमे पूरो थेः ‘के उन जी ग॒णप पापिन सां गड॒ थी।’ हा, जेको कुछ मुंजे बारे में लिख्यल आहे उहो सब ज़रूर पूरो थींदो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

37 ڇالاءِ⁠جو آءٌ اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو لکيل آھي تہ ’ھو گنھگارن ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آھي. بيشڪ جيڪو منھنجي بنسبت لکيل آھي سو پورو ٿيڻ وارو آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:37
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهن ٻہ ٻيا بہ ماڻهو سوليءَ تي چاڙهيا جيڪي ڌاڙيل هئا، انهن مان هڪڙو سندس ساڄي ۽ ٻيو سندس کاٻي پاسي هو.


يسوع پنهنجي ٻارهن چيلن کي هڪ پاسي وٺي ويو ۽ انهن کي چيائين تہ ”ڏسو، اسين يروشلم ڏانهن هلي رهيا آهيون ۽ منش‌پتر بابت جيڪي ڳالهيون سنديش ڏيندڙ سنتن جي معرفت لکيون ويون آهن، سي سڀيئي اتي پوريون ٿينديون.


منش‌پتر لاءِ جيئن پوِتر شاستر ۾ آهي تيئن ئي هو هن سنسار مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“


تڏهن يسوع چين تہ ”هاڻي جنهن کي بہ ڳوٿري هجي تہ اها کڻي، جنهن کي بہ ٿيلهو هجي تہ اهو کڻي ۽ جنهن کي بہ تلوار نہ هجي تہ اهو پنهنجو ڪوٽ وڪڻي بہ اها خريد ڪري.


هيڪل جي حوالدارن کان علاوہ سردار ڪاهن ۽ يهودي پئنچائت جا ٻيا چڱا مڙس جيڪي مٿس ڪاهي آيا هئا، تن کي يسوع چيو تہ ”تلوارن ۽ لٺين سان ائين ڪاهي آيا آهيو، ڄڻ تہ آءٌ ڪو ڌاڙيل آهيان.


ٻيا ٻہ ماڻهو جيڪي ڏوهاري هئا، تن کي بہ اهي يسوع سان گڏ مارڻ لاءِ وٺيو پئي ويا.


پوءِ يسوع انهن کي موسيٰ جي شاستر کان وٺي ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻين سڀني سنتن جي لکتن تائين، پوِتر شاستر جون اهي سڀ ڳالهيون سمجھايون جيڪي سندس بابت لکيل آهن.


ڏسو، ايشور انهن کي پنهنجا پٽ سڏيو جن کي سندس وچن مليل هو. هاڻ پوِتر شاستر تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي.


جيڪو ڪم تو مون کي ڪرڻ لاءِ ڏنو هو، سو مون پورو ڪري ڌرتيءَ تي تنهنجي جوت ظاهر ڪئي آهي.


مسيح جيڪو پاپ کان پوِتر هو، تنهن کي ايشور اسان جي واسطي پاپ جو ٻليدان مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان ايشور جي سچائي ظاهر ٿئي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي نيم تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو سوليءَ تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ