Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 22:22 - Hindu Sindhi Bible

22 منش‌پتر لاءِ جيئن پوِتر شاستر ۾ آهي تيئن ئي هو هن سنسار مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 پر جيئن ابن آدم لاءِ ٺهرايل آهي، تيئن هو سچ پچ وڃي ٿو، پر افسوس آهي انهي ماڻهوءَ تي، جنهن جي هٿان هو جهلجي ٿو وڃي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ابنِ آدم لاءِ جيئن پاڪ ڪلام ۾ آهي تيئن ئي هو هن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آهي انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ، جنهن جي هٿان هو پڪڙائجي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

22 मांणूअ जे पुटअ जे बारे में पवित्रशास्त्र में जीअं लिख्यल आहे उहो त हुन सां थींदो ही; परअ हाय उन मांणूअ ते जेको हुन खे धोखे सां पकड़ाए तो!”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 ابن⁠آدم لاءِ جيئن لکيل آھي تيئن ئي ھو ھن دنيا مان وڃي ٿو، پر مصيبت آھي انھيءَ ماڻھوءَ لاءِ، جنھن جي ھٿان ھو پڪڙائجي ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 22:22
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي ان تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. ان ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


تنهن تي يهوداہ اهي پئسا هيڪل ۾ ئي ڦٽا ڪري هليو ويو ۽ وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏنائين.


منش‌پتر تہ ائين ئي مرندو، جيئن پوِتر شاستر ۾ اڳڪٿي ڪئي ويئي آهي. پر حيف آهي انهيءَ تي جيڪو منش‌پتر کي پڪڙائيندو. انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ اهو بهتر هو تہ هو سنسار ۾ اصل ڄائي ئي نہ ها.“


تنهن تي چيلا هڪٻئي کان پڇڻ لڳا تہ ”اسان مان اهو ڪير آهي جيڪو اهڙو ڪم ڪندو؟“


کين چيائين تہ ”پوِتر شاستر ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيوت ٿي اٿندو.


جيستائين آءٌ انهن سان گڏ هئس، تيستائين تنهنجي انهيءَ پوِتر ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ کين قائم رکندو آيو آهيان ۽ سندن سنڀال ڪئي اٿم. انهن مان مون ڪوبہ نہ وڃايو آهي، سواءِ انهيءَ جي جيڪو برباد ٿيڻو هو، تہ جيئن پوِتر شاستر جي لکت پوري ٿئي.


يسوع مسيح اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين ماڻهن ۾ هن بابت خوشخبريءَ جو پرچار ڪريون ۽ کين آگاهہ ڪري ڇڏيون تہ هو ئي اهو آهي جنهن کي ايشور مئل ۽ جيوت ماڻهن جو فيصلو ڪندڙ مقرر ڪيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ هن هڪ ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي هو انصاف سان سڄي سنسار جو فيصلو انهيءَ ماڻهوءَ جي معرفت ڪندو، جنهن کي هن اڳ ۾ ئي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ لاءِ هن کيس مئلن مان وري جيوت ڪري هر ڪنهن تي اها ڳالهہ ثابت ڪري ڇڏي آهي.“


ايشور جي اڳي ئي رٿيل منصوبي ۽ ڄاڻ موجب يسوع کي اوهان جي حوالي ڪيو ويو. تڏهن اوهان هن کي غير يهودين جي هٿان سوليءَ تي چاڙهي ڪوڪا هڻائي مارايو.


اهي انهيءَ کوجنا ۾ هئا تہ مسيح جي آتما، جيڪا انهن ۾ هئي تنهن ڪهڙي وقت ۽ حالتن ڏانهن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ پوءِ مهانتا حاصل ڪندو.


اهي لالچ جي ڪري بناوٽي ڳالهيون ٻڌائي اوهان مان ناجائز فائدو حاصل ڪندا. گھڻو وقت اڳي ايشور سندن خلاف فيصلو جاري ڪيو هو، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هو تيار رهي ٿو ۽ کين برباد ڪرڻ لاءِ سجاڳ آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ