Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 20:6 - Hindu Sindhi Bible

6 پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 پر جي ٿا چئون ماڻهن کان، تہ ساري خلق اسان کي سنگسار ڪندي؛ ڇالاءِ جو هنن کي پڪ آهي تہ يوحنا نبي هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇاڪاڻ تہ هنن کي پڪ آهي تہ يحيٰ نبي هو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

6 परअ अगर चवंदासी, ‘के मांणुन जे तरफां’ त सजी॒ भीड़अ असां खे पथरअ हणी करे मारे छडी॒ंदी, छोके मांणुन खे इया पकअ हुई, के यूहन्ना परमेश्वरअ जो भविष्यवक्‍ता हुयो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 پر جي چئون ٿا ’ماڻھن جي طرفان،‘ تہ سڄي خلق اسان کي سنگسار ڪندي، ڇالاءِ⁠جو ھنن کي پڪ آھي تہ يحيٰ نبي ھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 20:6
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر ڀلا ڇا ڏسڻ ويا هئا؟ ڇا سنديش ڏيندڙ هڪ سنت کي؟ ها تہ پوءِ ٻڌو، آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ سنديش ڏيندڙ سنت کان بہ وڏي کي.


سو هيروديس يوحنا کي مارائڻ پئي چاهيو پر عوام کان ڊنو ٿي، ڇاڪاڻ تہ هنن يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ٿي سمجھيو.


پر جي چئون ٿا ’انسان جي طرفان‘ تہ اسان کي ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ تہ اهي يوحنا کي ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پيا مڃين.“


تنهنڪري انهن ڪوشش ڪئي تہ يسوع کي پڪڙائين، پر کين ماڻهن جو ڊپ پئي ٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کيس ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت ڪري پئي مڃيو.


پر چيائون تہ ”تهوار جي ڏينهن ائين نہ ڪريون متان ماڻهن ۾ وڳوڙ پئجي وڃي.“


تنهن تي يهودين جي ڌرمي اڳواڻن يسوع کي پڪڙائڻ چاهيو، ڇاڪاڻ تہ انهن ڄاڻي ورتو تہ هي مثال يسوع انهن جي خلاف ٻڌايو آهي. پر انهن کي ماڻهن کان ڊپ بہ ٿيو پئي، تنهنڪري هو کيس ڇڏي هليا ويا.


هاڻ اي منهنجا ٻچا يوحنا! تون مهان ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت سڏيو ويندين، ۽ پرڀوءَ جي اڳيان اڳيان هن لاءِ رستو تيار ڪندو هلندين،


تڏهن اهي پاڻ ۾ بحث ڪرڻ لڳا تہ ”جيڪڏهن ’ايشور جي طرفان‘ ٿا چئون تہ هو اسان کي چوندو تہ ’پوءِ اوهان هن تي يقين ڇو نہ ڪيو؟‘


تڏهن هنن جواب ڏنو تہ ”اسان کي سڌ نہ آهي تہ اها ڪنهن جي طرفان هئي.“


پر فريسين ۽ نيم شاسترين يوحنا کان بپتسما نہ وٺندي پنهنجي طرفان ايشور جي ارادي کي رد ڪري ڇڏيو.


ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“


سو صوبيدار پنهنجي سپاهين سان وڃي سنتن کي وٺي آيو. سپاهين سنتن سان ڪابہ زبردستي نہ ڪئي، ڇو تہ هو ڊڄن پيا تہ متان ماڻهو کين پٿر هڻن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ