Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 20:17 - Hindu Sindhi Bible

17 يسوع انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 پر هنن ڏانهن نهاري چيائين تہ هي جيڪي لکيل آهي، سو تڏهن ڇا آهي، تہ ”جنهن پهڻ کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي ڪنڊ جو سرو ڪيو ويو“؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”هي جيڪو پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

17 परअ येशुअ उनन खे डि॒सी करे चयईंन, “पवित्रशास्त्र में इन वचनअ जो छा मतलब आहे, ‘जैं पथरअ खे ठेकेदारन बेकार समझी ठुकरायो, उहो ही पथर सबनिन खां वधीकअ अहेमियतअ वारो थी वयो आहे?’

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 عيسيٰ انھن ڏانھن نھاري چيو تہ ”ھي جيڪي لکيل آھي، سو ڀلا ڇا معنيٰ ٿو رکي؟ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 20:17
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يسوع انهن کي چيو تہ ”ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ ڪڏهن اهو نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي. اهو پرميشور جي طرفان ڪيو ويو آهي، اها اسان لاءِ ڪهڙي نہ عجيب ڳالهہ آهي!‘“


تڏهن يسوع چوڌاري نهاريندي پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”شاهوڪار ماڻهن جو ايشور جي راڄ ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.“


ڇا اوهان پوِتر شاستر ۾ هي نہ پڙهيو آهي تہ ’جنهن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو هو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.


يسوع کي انهن جي هٺ ۽ هوڏ تي ارمان ٿيڻ لڳو، سو چوڌاري انهن ڏانهن ڪاوڙ ۾ نهاريائين. پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيائين تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن هٿ ڊگھو ڪيو تہ اهو بلڪل ٺيڪ ٿي ويو.


جڏهن يسوع يروشلم جي ويجھو آيو تہ شهر کي ڏسي مٿس رنائين


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پوِتر شاستر ۾ جيڪو لکيل آهي تہ ’هو ڏوهارين ۾ ليکيو ويندو،‘ سو مون لاءِ پورو ٿيڻ ضروري آهي. بيشڪ جيڪو منهنجي بنسبت لکيل آهي سو پورو ٿيڻ وارو آهي.“


تڏهن پرڀوءَ ڦري پطرس ڏانهن نهاريو تہ پطرس کي پرڀوءَ جا لفظ ياد آيا جيڪي چيا هئائينس تہ ”جيستائين اڄ رات ڪڪڙ ٻانگ ڏئي، تنهن کان اڳ ۾ ئي تون ٽي دفعا مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندين.“


پوءِ يسوع انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ نيم شاستر، زبور توڙي سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


يسوع اهو آهي جنهن لاءِ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ’جنهن پٿر کي اوهان رازن نيچ ٿي ڄاتو، سو ئي پيڙهہ جو پٿر ٿيو آهي.‘


اوهين ڄڻ تہ هڪ عمارت آهيو جيڪا خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن جي انهيءَ بنياد تي اڏيل آهي، جنهن جي پيڙهہ جو پٿر خود يسوع مسيح آهي.


هن ڪري جو پوِتر شاستر ۾ ايشور فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ هڪ پٿر رکان ٿو، جيڪو مخصوص، قيمتي ۽ پيڙهہ جو پٿر آهي. جيڪو ماڻهو انهيءَ تي وشواس آڻيندو، سو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ