Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 2:35 - Hindu Sindhi Bible

35 جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

35 (بلڪ تنهنجي جان منجهان ترار لنگهي ويندي،) تہ گهڻن جي دلين جا خيال پڌرا ٿي پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

35 جنهن مان سندن دلين جا خيال ظاهر ٿي پوندا. تڏهن تو کي ايترو تہ ڏک پهچندو، جو اهو تلوار وانگر تنهنجي دل گھائي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

35 इन जी वजह सां घणन हीं मांणुन जे दिलअ जा विचारअ बी प्रघट थींदा ऐं जीअं तलवारअ जे वारअ सां मांणू चीरजी वेंदो आहे, उअं हीं तुंजो दिल बी चीरजी वेंदो।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

35 جنھنڪري سندن دلين جا ڳُجھہ ظاھر ٿيندا. تو کي ايترو ڏک پھچندو، جيڪو تلوار وانگر تنھنجي دل گھائي ڇڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 2:35
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ شمعون انهن لاءِ آسيس گھري ۽ ٻار جي ماتا مريم کي چيائين تہ ”ڏس، هي ٻار بني اسرائيل ۾ گھڻن جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ جو سبب مقرر ڪيو ويو آهي. هو ايشور جي طرفان چتاءُ جو هڪ نشان هوندو. ڪيترائي ماڻهو سندس مخالفت ڪندا،


آشر قبيلي جي هڪ شخص فينوايل جي ڌيءَ حَنا ايشور جو سنديش ڏيندڙ هڪ سنتياڻي هئي. هوءَ چوراسي سالن جي هڪ پوڙهي ناري هئي، جيڪا شاديءَ کان پوءِ ست سال پتيءَ سان گڏ رهي ۽ پوءِ وڌوا ٿي ويئي. تنهن کان پوءِ هوءَ هيڪل ۾ ئي گذاريندي هئي ۽ رات ڏينهن وِرت رکڻ ۽ پرارٿنائون ڪرڻ سان ڀڳتي پئي ڪندي هئي.


يسوع جي سوليءَ جي ڀرسان سندس ماتا، ماسي، ڪلوپاس جي پتني مريم ۽ مريم مگدليني بيٺيون هيون.


۽ حقيقت ۾ اوهان جي وچ ۾ ڏڦيڙ بہ ضرور هوندا تہ جيئن اهو صاف ظاهر ٿئي تہ اوهان مان ڪير سچا آهن.


مسيح جا اهي مخالف نڪتا تہ اسان منجھان ئي آهن، پر حقيقت ۾ اهي اسان منجھان نہ هئا، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن هو اسان منجھان هجن ها تہ اسان سان گڏ رهن ها. هنن جو اسان کي ڇڏي وڃڻ اهو ثابت ڪري ٿو تہ انهن مان ڪنهن جو بہ اسان سان ڪو واسطو ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ