Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 19:38 - Hindu Sindhi Bible

38 ”سڀاڳو آهي اهو راجا، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! شل آڪاش تي شانتي ۽ ايشور جي مهما هجي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

38 مبارڪ آهي اُهو بادشاهہ جو خداوند جي نالي ٿو اچي: آسمان ۾ صلح، ۽ عالم بالا ۾ جلال.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 ”سڀاڳو آهي اهو بادشاهہ، جيڪو خداوند جي نالي تي ٿو اچي! شل آسمان تي سلامتي ۽ عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي!“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

38 “धन्य आहे उहो राजा जेको प्रभुअ जे नाले सां तो अचे! स्वर्ग॒अ में शांति ऐं परमेश्वरअ जी महिमा थे।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

38 ”سڳورو آھي اھو بادشاھہ، جو خداوند جي نالي سان ٿو اچي، بيشڪ آسمان منجھہ سلامتي آھي ۽ عرش عظيم تي شان وارو خدا آھي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 19:38
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اچي پڇيائون تہ ”يهودين جو راجا جيڪو پيدا ٿيو آهي، سو ڪٿي آهي؟ اسان هن جو تارو اوڀر ۾ ڏٺو آهي ۽ اسين هن جي اڳيان سيس نوائڻ لاءِ آيا آهيون.“


ميڙ جا ماڻهو جيڪي هن جي اڳيان توڙي پٺيان پئي هليا تن نعرا پئي هنيا تہ ”راجا دائود جي پٽ جي مهما هجي! سڀاڳو آهي اهو جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي! آڪاش تي ايشور جي مهما هجي!“


پوءِ راجا پنهنجي ساڄي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اوهين جيڪي منهنجي پتا جي طرفان سڀاڳا آهيو، سي اچو ۽ منهنجي راڄ‌ڀاڳ ۾ رهو، جيڪو سنسار جي رچنا کان وٺي اوهان جي لاءِ ميراث طور تيار ڪيو ويو آهي،


راجا جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


هاڻي ياد رک، تنهنجي هيڪل ويران ڪئي ويندي. آءٌ تو کي چوان ٿو تہ تون مون کي تيستائين نہ ڏسندين جيستائين ائين نہ چوندين تہ ’سڀاڳو آهي اهو، جيڪو پرميشور جي نالي تي ٿو اچي.‘“


جيئن تہ اسين وشواس رکڻ جي ڪري ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيون، تنهنڪري اسان جو پنهنجي پرڀو يسوع مسيح جي وسيلي ايشور سان ميل ميلاپ ٿي ويو آهي.


ايشور چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس مهانتا جي مهما جو سبب ٿيون.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جوت سان ڀريل انهيءَ ڪرپا جي مهما ٿئي، جيڪا هن پنهنجي پياري پٽ ۾ اسان کي مفت بخشي.


ايشور چاهيو ٿي تہ هاڻي وشواسي منڊليءَ جي وسيلي سندس طرح طرح جي ڏاهپ جي انهن حڪمرانن ۽ اختياريءَ وارن کي ڄاڻ پئجي وڃي، جيڪي آڪاشي جاين ۾ آهن.


شل منڊليءَ ۽ يسوع مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس مهانتا جي مهما ٿيندي رهي. آمين.


ايشور جي مرضي اها بہ هئي تہ سوليءَ تي وهايل مسيح جي رت جي وسيلي ميل ميلاپ ڪري سندس معرفت سڀني شين جو پاڻ سان رابطو بحال ڪري، پوءِ اهي ڌرتيءَ تي هجن توڙي آڪاش ۾.


هاڻي شل امر راجا يعني ابناسي، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ هڪڙي ئي ايشور جو مان‌سمان ۽ مهما هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


انهن سنتن تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن سنديش ڏيندڙن جي معرفت ملي، جن آڪاش مان موڪليل پوِتر آتما جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو دوت بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ