Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 18:43 - Hindu Sindhi Bible

43 تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ ايشور جي مهما ڪندو يسوع جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

43 ۽ يڪدم هو ڏسڻ وائسڻ لڳو، ۽ خدا جي وڏائي ڪندو هن جي پٺيان هلڻ لڳو: ۽ سڀيئي ماڻهو هي ڏسي خدا جي تعريف ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

43 تڏهن هو هڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان هلڻ لڳو. اهو ڏسي سڀيئي ماڻهو خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

43 उहो अंधो ओढी॒ मलई डि॒सण लगो॒ ऐं परमेश्वरअ जी स्तुति कंदो हुन जे पोयां हलण लगो॒; ऐं इयो डि॒सी करे सब मांणू परमेश्वरअ जी स्तुति करण लगा॒।

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

43 ھو ھڪدم ڏسڻ وائسڻ لڳو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو عيسيٰ جي پٺيان ھلڻ لڳو. جڏھن ماڻھن ھي ڏٺو تہ سڀيئي خدا جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 18:43
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انڌا ڏسن ٿا، منڊا گھمن ٿا، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارا ڇٽائي پوِتر ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جيوت ڪيا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي.


پوءِ اتي هيڪل ۾ ڪي انڌا ۽ منڊا يسوع وٽ آيا ۽ هن انهن سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيو.


جڏهن ماڻهن هي ڏٺو تہ ڊڄي ويا ۽ ايشور جي مهما ڪرڻ لڳا تہ هُن انسان کي ڪيڏي نہ اختياري بخشي آهي!


يسوع جو جواب ٻڌي سڀيئي مخالف لڄي ٿيا، جڏهن تہ هن جيڪي عجيب وَ غريب ڪم پئي ڪيا تن جي ڪري سڄي خلق خوش پئي ٿي.


جڏهن هو يروشلم جي ويجھو زيتون جي ٽڪر جي لاهيءَ وٽ پهتو تہ سندس چيلن جو سڄو ميڙ يسوع جي چمتڪارن جي ڪري خوشيءَ ۾ ڀرجي وڏي آواز سان ايشور جي مهما جا نعرا هڻڻ لڳو تہ


تڏهن يسوع وٽس وڃي بيٺو ۽ بخار کي حڪم ڪيائين تہ اهو کيس ڇڏي ويو. پوءِ هوءَ هڪدم چاق ٿي اُٿي ۽ هنن جي سيوا ڪرڻ لڳي.


سڀيئي ماڻهو ڏاڍا حيران ٿي ويا ۽ خوف وچان ايشور جي مهما ڪندي چوڻ لڳا تہ ”اڄ اسان ڪهڙيون نہ عجيب ڳالهيون ڏٺيون آهن!“


سڀيئي ايشور جي ايڏي شڪتي ڏسي عجب ۾ پئجي ويا. جڏهن سڀ ماڻهو يسوع جي ڪمن تي عجب کائي رهيا هئا، تڏهن هن پنهنجي سڀني چيلن کي چيو تہ


جڏهن انهن هي ٻڌو تہ کڻي ماٺ ڪيائون ۽ ايشور جي مهما ڪندي چيائون تہ ”واہ! ايشور غير قومن کي بہ جيون حاصل ڪرڻ لاءِ توبهہ ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي.“


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا.


سو اهي منهنجي ڪري ايشور جي مهما ڪندا هئا.


پر اوهين هڪڙي چونڊيل پيڙهي، ايشور جي ڪاهنن واري منڊلي، مخصوص قوم ۽ ايشور جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ ايشور جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ