Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 18:30 - Hindu Sindhi Bible

30 تنهن کي هن انتم زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ ايندڙ نئين زماني ۾ امر جيون پڻ ملندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

30 تہ اُنهي کي هن زماني ۾ ڳچ جيترو زيادہ نہ ملي، ۽ ايندڙ جهان ۾ هميشہ جي زندگي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 تنهن کي هن آخري زماني ۾ تہ گھڻو وڌيڪ ملندو، بلڪ ايندڙ نئين زماني ۾ دائمي زندگي پڻ ملندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

30 ऐं इन वक़्त केतराही त वधीकअ गुणा न पाए ऐं मरण खां पो परमेश्वरअ सां गड॒ अनंत जीवन बी।”

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

30 ۽ انھيءَ کي ھن زماني ۾ ڳچ جيترو وڌيڪ نہ ملي ۽ ايندڙ زماني ۾ دائمي زندگي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 18:30
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو منش‌پتر جي خلاف ڪجھہ ڳالهائي ٿو تہ کيس معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪڏهن ڪو پوِتر آتما جي خلاف ڪجھہ ڳالهائيندو تہ انهيءَ کي ڪڏهن بہ نہ بخشيو ويندو، نہ هن انتم زماني ۾ ۽ نہ وري ايندڙ نئين زماني ۾.“


انهيءَ ڪري سڄي شام صوبي ۾ بہ هن جي هاڪ پئجي ويئي. تنهنڪري ڪيترائي ماڻهو هن وٽ بيمارن کي وٺي آيا، جن کي جدا جدا مرض ۽ تڪليفون هيون، جهڙوڪ: ڀوتن ورتل، مرگھيءَ وارا ۽ اڌرنگي وارا. انهن سڀني کي يسوع ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو.


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ شرير جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر ڌرمچاري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ جيون جي لاءِ وچن بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


بيشڪ ڌرمچاري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي،


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ شيطان آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين وشواس تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي جيون جو تاج پارائيندس.


جنهن کي ڪن آهن سو پوِتر آتما جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي اها وشواسي منڊلين کي فرمائي ٿي. جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ هڪڙو اڇو پٿر بہ ڏيندوسانس. انهيءَ پٿر تي هڪڙو نئون نالو لکيل هوندو، جنهن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو، سواءِ انهيءَ جي جنهن کي ملندو.“


جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ حاوي پيس ۽ پنهنجي پتا سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ