Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لوقا 17:7 - Hindu Sindhi Bible

7 ”فرض ڪريو تہ اوهان کي ڪو غلام آهي. هو جڏهن هر ڪاهي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويهي رسوئي کاءُ‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر اوهان ۾ اُهو ڪير آهي جنهن کي ڪو نوڪر هجي، جو هر پيو ڪاهيندو هجي، يا ڌڻ پيو چاريندو هجي، تہ اُن کي ٻنيءَ مان اچڻ شرط چوي تہ يڪدم اچي کائڻ تي ويهہ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ”فرض ڪريو تہ اوهان کي ڪو غلام آهي. هو جڏهن هر ڪاهي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويهي ماني کاءُ‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible (India)

7 “मञो तवां जो कोई दास हल काहे यां रिढुन खे चराए करे जड॒ऐं खेतअ मां मोटी अचे, त तवां मां एड़ो केर स्वामी आहे ‘जेको ओढी॒ मलई ही उन खे चहे, अच रोटी खाएण वई रहो’?

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

7 ”فرض ڪريو تہ اوھان وٽ ڪو غلام آھي. ھو ھر ڪاھي يا رڍن جو ڌڻ چاري ٻنيءَ تان اچي، تہ ڇا اوھين کيس ھيئن چوندا تہ ’جلدي اچ ۽ ويھي ماني کاءُ‘؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لوقا 17:7
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن تي يسوع وراڻين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جي رڍ سبت جي ڏينهن کڏ ۾ ڪري پوي، تہ ڇا اهو ان کي جھلي ٻاهر نہ ڪڍندو؟


پرڀوءَ وراڻي ڏيندي چيو تہ ”اي پاکنڊيؤ! سبت جي ڏينهن هر ڪو پنهنجي ڏاند يا گڏهہ کي وٿاڻ مان ڇوڙي پاڻي پيارڻ لاءِ نہ وٺي ويندو آهي ڇا؟


پوءِ هنن کي چيائين تہ ”جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن جو پٽ يا ڏاند سبت جي ڏينهن کوهہ ۾ ڪري پوي تہ ڇا اوهين کيس جلدي ٻاهر ڪڍندءُ يا نہ؟“


منش‌پتر جو اچڻ بہ ائين ئي ٿيندو، جيئن نوح جي ڏينهن ۾ ٻوڏ جو اچڻ ٿيو.


پرڀوءَ چين تہ ”جيڪڏهن اوهين سرنهن جي داڻي جيترو بہ وشواس رکو ٿا تہ اوهين توت جي هن وڻ کي چئي سگھو ٿا تہ ’اتان پاڙؤن نڪري وڃي سمنڊ ۾ لڳ،‘ تہ اهو بہ اوهان جي مڃيندو.“


بلڪل نہ، اٽلندو اوهين کيس هيئن چوندا تہ ’منهنجي رات جي رسوئي تيار ڪر. جيستائين آءٌ اها کائي پي بس نہ ڪريان تيستائين سيوا ۾ کڙوتڙو بيٺو رهج ۽ پوءِ وڃي تون کائجانءِ ۽ پيئجانءِ.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ